پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، خاص ڪري بجلي جي گڏيل پهچ، تجديد جوڳي توانائي، پن بجلي، توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائي سگهجي ٿو. اربع ڏينهن ازبڪستان جي 35 هين يوم آزادي جي …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، خاص ڪري بجلي جي گڏيل پهچ، تجديد جوڳي توانائي، پن بجلي، توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائي سگهجي ٿو. اربع ڏينهن ازبڪستان جي 35 هين يوم آزادي جي موقعي تي منعقد آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ مضبوط تعاون ٻنهي ملڪن جي وسيع تر اقتصادي حصيداري ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سردار اويس احمد خان لغاري ازبڪ صدر شوڪت مرزا يوف، حڪومت ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي ازبڪستان لاءِ مسلسل امن، استحڪام، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ازبڪ عوام جي ڪاميابين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي رابطن کي اهميت ڏئي ٿو جيڪي گڏيل اسلامي ثقافت ۽ تهذيب تي ٻڌل آهن. پاڪستان انهن اولين ملڪن ۾ شامل هو جنهن ازبڪستان جي آزادي کي تسليم ڪيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن 1992ع ۾ باضابطه سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مئي 2027ع ۾ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 35 هين سالگرهه پڻ ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته گڏيل احترام، گڏيل تاريخي ۽ ثقافتي قدرن ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جالاڳاپا مضبوط حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته واپار، سيڙپڪاري، توانائي، علائقائي رابطا، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي فيبروري 2025ع ۾ ازبڪستان جي دوري ۽ صدر شوڪت مرزا يوف جي فيبروري 2026ع ۾ پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين رفتار ملي، واپار، کاڻين، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، زراعت، سامونڊي معاملا ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي وڌندڙ سگهه ۽ گهرائي جون عڪاس آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻطرفي واپار ۾ اضافي لاءِ هڪ پرعزم هدف مقرر ڪيو آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ رابطا وڌائڻ، سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جي حوصلا افزائي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته هو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ نمايان گنجائش ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ توانائي جي بنيادي ڍانچي، بجلي جي پهچ ۽ رابطا، تجديد جوڳي توانائي، پن بجلي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سان گڏوگڏ مضبوط ۽ پائيدار توانائي جي نظام جي ترقي لاءِ مهارت ۽ تجربن جي ڏي وٺ به ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته علائقائي رابطا ڪاري پاڪستان ۽ ازبڪستان جي گڏيل ويزن جو اهم حصو آهي، پاڪستان ازبڪستان کي عربي سمنڊ ۽ عالمي منڊين تائين پهچ لاءِ گيٽ وي جڏهن ته ازبڪستان پاڪستان کي وچ ايشيا جي تيزي سان وڌندڙ مارڪيٽن تائين پهچ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي)، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۽ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پليٽ فارمز تي به ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن جيڪو امن، استحڪام، ڳالهين ۽ علائقائي اقتصادي تعاون لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. وفاقي وزير علائقائي رابطاڪاري ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ ازبڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.