عالمي بينڪ پاران ينگ پروفيشنلز پروگرام لاءِ اميداورن کان درخواستون طلب

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي بينڪ ينگ پروفيشنلز پروگرام لاءِ اميداورن کان درخواستون طلب ڪريون آهن. بينڪ گروپ پاران جاري ڪيل بيان موجب پروگرام باصلاحيت ۽ اڀرندڙ نوجوانن لاءِ عالمي ترقي جي مشن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو سونهري موقعو آهي. بيان مطابق پروگرام انهن پرعزم نوجوانن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪي عالمي ترقي جي ميدان ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو رکن ٿا. پروگرام لاءِ …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي بينڪ ينگ پروفيشنلز پروگرام لاءِ اميداورن کان درخواستون طلب ڪريون آهن. بينڪ گروپ پاران جاري ڪيل بيان موجب پروگرام باصلاحيت ۽ اڀرندڙ نوجوانن لاءِ عالمي ترقي جي مشن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو سونهري موقعو آهي. بيان مطابق پروگرام انهن پرعزم نوجوانن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪي عالمي ترقي جي ميدان ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو رکن ٿا. پروگرام لاءِ سڄي دنيا جي بهترين دماغن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. پروگرام جي شروعات واشنگٽن ڊي سي ۾ عالمي بينڪ گروپ جي هيڊڪوارٽر مان ٿيندي آهي. خواهشمند اميدوارن کي عالمي بينڪ جي ويب سائيٽ تي 30 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.