اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي جي وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪ ۾ گهٽ آمدني واري طبقي کي ڇت فراهمي ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم اپنا گهر پروگرام تيزي سان ڪاميابي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، هاڻي اهو پروگرام هڪ ڪٽنب لاءِ ڇت، ڪاروبار لاءِ منافعو، مزدورن لاءِ روزگار ۽ گڏيل طور تي پاڪستان لاءِ پائيدار ۽ جامع معاشي …
وزيراعظم ”اپنا گهر“ تيزي سان ڪاميابي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي جي وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪ ۾ گهٽ آمدني واري طبقي کي ڇت فراهمي ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم اپنا گهر پروگرام تيزي سان ڪاميابي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، هاڻي اهو پروگرام هڪ ڪٽنب لاءِ ڇت، ڪاروبار لاءِ منافعو، مزدورن لاءِ روزگار ۽ گڏيل طور تي پاڪستان لاءِ پائيدار ۽ جامع معاشي ترقي جو ضامن بڻجي چڪو آهي. ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جون 2026ع کان پوءِ ان اسڪيم تحت هائوسنگ فنانسنگ جي فراهمي ۽ تعميراتي شعبي ۾ تاريخي اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي جنهن ملڪ جي انتظامي منظر نامي کي نئون رخ ڏنو آهي ۽ صرف ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ پروگرام تحت قرضن جي منظوري ۽ رقم جي ادائگين ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته هن وقت تائين 8 هزار 600 کان وڌيڪ ڪٽنبن کي قرض ڏئي چڪا آهيون. عملي طور تي هائوسنگ جي شعبي ۾ منتقل ٿيل رقم 118 سيڪڙو جي اضافي سان 45 ارب روپين تائين پهچي چڪي آهي جيڪا سڌي ريت تعميراتي ڪمن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعميراتي شعبي جي ان لهر سان ملڪ جون ننڍي ۽ وچولي طبقي جون صنعتون سرگرم ٿيون آهن جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته اهو پروگرام هاڻي هڪ ڪٽنب لاءِ ڇت، ڪاروبار لاءِ منافعي ۽ مزدورن لاءِ روزگار ۽ گڏيل طور تي پاڪستان جي پائيدار ۽ جامع معاشي ترقي جو ضامن بڻجي چڪو آهي.











