رتوديرو ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو، هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

لاڙڪاڻو- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) رتوديرو ٿاڻي جي حد شڪارپور روڊ گھوٽيا لاڙو واري علائقي ۾ لاڙڪاڻو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل زخمي ٿي پيو.تفيصل موجب معمول جي گشت دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي مٽاسٽا ٿي جنهن جي نتيجي ۾هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ يعقوب جلباڻي جي نالي …

لاڙڪاڻو- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) رتوديرو ٿاڻي جي حد شڪارپور روڊ گھوٽيا لاڙو واري علائقي ۾ لاڙڪاڻو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل زخمي ٿي پيو.تفيصل موجب معمول جي گشت دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي مٽاسٽا ٿي جنهن جي نتيجي ۾هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ يعقوب جلباڻي جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جو تعلق جلباڻي گينگ سان آهي. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ٿيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ قتل، ڀتا خوري، منشيات جي وڪري ۽ پوليس مقابلي جهڙن سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث آهي. جڏهن ته فرار ٿي ويل ٻين ڌاڙيلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.