نئين دهلي- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ هلندڙ سال آگسٽ جو مهينو ، 1901 کان پوءِ گرم ترين مهينو رهيو، آگسٽ 2026 ۾ ملڪ جو گرمي پد 28.01 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آگسٽ مهيني دوران گرمي پد ڊگهي مدي جي اوسط کان 0.67 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو. موسمياتي کاتي اهي نتيجا آگسٽ جي آخر ۾ جاري ڪيا. موسميات کاتي مطابق، آگسٽ ۾ …
ڀارت ۾ هلندڙ سال آگسٽ جو مهينو 1901 کان پوءِ تاريخ جو گرم ترين مهينو رڪارڊ ڪيو ويو
نئين دهلي- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ هلندڙ سال آگسٽ جو مهينو ، 1901 کان پوءِ گرم ترين مهينو رهيو، آگسٽ 2026 ۾ ملڪ جو گرمي پد 28.01 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آگسٽ مهيني دوران گرمي پد ڊگهي مدي جي اوسط کان 0.67 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو. موسمياتي کاتي اهي نتيجا آگسٽ جي آخر ۾ جاري ڪيا. موسميات کاتي مطابق، آگسٽ ۾ هندستان ۾ سانوڻي جون برساتون معمول کان 16 سيڪڙو گهٽ پيون، جنهن جي ڪري گرمي وڌي وئي.ماهرن موجب دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ، ڀارت شديد گرمي جي لهرن جو شڪار آهي. موسمياتي تبديلي گرمي جي لهرن جي تعداد ۽ شدت کي وڌائي رهي آهي، ۽ تازن سالن ۾، ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي.












