رياض- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ڊاڪٽر منال بنت حسن رضوان کي ڳالهين ۽ امن ڪوششن لاءِ پرڏيهي وزير جي صلاحڪار ۽ خاص ايلچي مقرر ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها مقرري پرڏيهي وزير پاران سفارتي معاملن کي مضبوط بڻائڻ، ڳالهين ۽ امن عمل جي حمايت جي ڪوششن جو حصو آهي. خصوصي ايلچي کي ان بابت معاملن جي ذميواري ڏني وئي …
سعودي عرب، ڊاڪٽر منال بنت حسن رضوان ڳالهين ۽ امن ڪوششن لاءِ پرڏيهي وزير جي صلاحڪار ۽ خاص ايلچي مقرر
رياض- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ڊاڪٽر منال بنت حسن رضوان کي ڳالهين ۽ امن ڪوششن لاءِ پرڏيهي وزير جي صلاحڪار ۽ خاص ايلچي مقرر ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها مقرري پرڏيهي وزير پاران سفارتي معاملن کي مضبوط بڻائڻ، ڳالهين ۽ امن عمل جي حمايت جي ڪوششن جو حصو آهي. خصوصي ايلچي کي ان بابت معاملن جي ذميواري ڏني وئي آهي، منال بنت حسن رضوان جي اختيار ۾ ڳالهين ۽ امن ڪوشسن جي معاملن ۾ مدد ۽ سعودي عرب جي سفارتي موجودگي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. منال حسن رضوان کي سفارتڪاري عالمي ڳالهين تڪرار جي حل ۽ ڪثير الجهتي معاملن جو وسيع تجربو آهي، هوءَ پرڏيهي وزارت ۾ اعلي عهدن تي مقرر رهي چڪي آهي.












