ڪينبرا- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي رياست تسمانيه ۾ واقع تاريخي ٽامي جي کاڻ 15 سالن کان پوءِ 2029ع ۾ ٻيهر پيداوار شرع ڪندي، کاڻ کي 2014ع ۾ ٻن ڌار ڌار حادثن دوران ٿيل جاني نقصان کانپوءِ بند ڪيو ويو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق تسمانيه جي حڪومت اربع ڏينهن تي جاري بيان ۾ ڏکڻ آفريقا جي مائننگ ڪمپني سبيانيٽل واٽر جي ان فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت …
آسٽريليا جي تاريخي ٽامي جي کاڻ 2029ع ۾ ٻيهر پيداوار شروع ڪندي
ڪينبرا- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي رياست تسمانيه ۾ واقع تاريخي ٽامي جي کاڻ 15 سالن کان پوءِ 2029ع ۾ ٻيهر پيداوار شرع ڪندي، کاڻ کي 2014ع ۾ ٻن ڌار ڌار حادثن دوران ٿيل جاني نقصان کانپوءِ بند ڪيو ويو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق تسمانيه جي حڪومت اربع ڏينهن تي جاري بيان ۾ ڏکڻ آفريقا جي مائننگ ڪمپني سبيانيٽل واٽر جي ان فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت رياست جي اولهه سامونڊي علائقي تي واقع مائونٽ لائل ٽامي جي کاڻ ۾ 2029 ع ۾ ٻيهر پيداوار شروع ڪئي ويندي . تسمانيه جي ڪاروبار، صنعت ۽ وسيلن جر وزير فيلڪس ايلس جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته کاڻ جي ٻيهر پيداوار جي شروع ٿيڻ سان وڏي انگ ۾ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.واضع رهي ته اها کاڻ 1890 ع جي ڏهاڪي ۾ قائم ٿي هئي جڏهن ته 2014ع ۾ ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ ٽن پورهيتن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ان کي بند ڪيو ويو هو.












