عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن ۽ مصنوعي ذهانت سڀن لاءِ قابل رسائي بڻائڻ جي ضرورت آهي :گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪ لڳاتار ناقابل برداشت قرض جي بار هيٺان دٻجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ڪردغزستا جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او ) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارو آڻڻو …

بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪ لڳاتار ناقابل برداشت قرض جي بار هيٺان دٻجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ڪردغزستا جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او ) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارو آڻڻو پوندو ته جيئن انصاف ۽ برابري کي هٿي وٺائي سگهجي. هن ڪثير الجهتي ترقياتي بينڪن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ جي ترقي جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ وڌيڪ وڏو، بهتر ۽ جرت منداڻو ڪردار ادا ڪن. مصنوعي ذهانت جي حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته مصنوعي ذهانت جو فائدو ڪجهه ملڪن تائين محدود نه هجڻ گهرجي جڏهن ته ان جو فائدو سمورن ملڪن کي هجڻ گهرجي.