بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪرغزستان ۽ پاڪستان جو ساليانو واپار تمام گهٽ هُجڻ جي ڪري مُون ڪرغزستان جي صدر کي ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپار 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت بدران معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي ايئرپورٽ تي ان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، اهو معاهدو ٻطرفي واپاري ماپي جو هدف حاصل …
ڪرغزستان ۽ پاڪستان جو ساليانو واپار تمام گهٽ هُجڻ جي ڪري مُون ڪرغزستان جي صدر کي ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپار 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت بدران معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي ايئرپورٽ تي ان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪرغزستان ۽ پاڪستان جو ساليانو واپار تمام گهٽ هُجڻ جي ڪري مُون ڪرغزستان جي صدر کي ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپار 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت بدران معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي ايئرپورٽ تي ان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، اهو معاهدو ٻطرفي واپاري ماپي جو هدف حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان واپس روانو ٿيڻ وقت ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جون مثبت ملاقاتون ٿيون، ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ واپار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ سٺا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ڪرغزستان ۽ پاڪستان جو ساليانو واپار رڳو 16 ملين ڊالر آهي جيڪو ٻطرفي گهري لاڳاپن جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته هن ڪرغزستان جي صدر کي تجويز پيش ڪئي ته ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپار 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت بدران معاهدي تي صحيحون ڪيون وڃن، جيڪو ٻطرفي واپاري ماپي جو هدف حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم هوندو. ڪرغزستان جي صدر منهنجي تجويز سان اتفاق ڪيو ۽ ايئرپورٽ تي ان سلسلي ۾معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ٻطرفي واپار کي ٻن سالن ۾ 200 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي معاهدي تي ڪرغزستان جي صدر جا ٿورائتا آهيون.











