بشڪيڪ - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان ٻطرفي واپار جو ماپو 2 سالن ۾ 200 ملين ڊالر تائين پهچائڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ساليانو 16 ملين ڊالر جو ٻطرفي واپار انتهائي گهٽ آهي، ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپاري ماپو 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت …
پاڪستان ۽ ڪرغزستان پاران ٻطرفي واپار جو ماپو 2 سالن ۾ 200 ملين ڊالر تائين پهچائڻ جي معاهدي تي صحيحون

مزید خبریں
بشڪيڪ – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان ٻطرفي واپار جو ماپو 2 سالن ۾ 200 ملين ڊالر تائين پهچائڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ساليانو 16 ملين ڊالر جو ٻطرفي واپار انتهائي گهٽ آهي، ٻن سالن ۾ ٻطرفو واپاري ماپو 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت کي معاهدي ۾ تبديل ڪرڻ تي صدر صادر زاپاروف جا ٿورائتا آهيون. اربع ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وطن واپسي کان اڳ ايئرپورت تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ماپو 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي معاهدي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪولوبايف صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڪرغزستان جو صدر صادر زاپاروف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ موجود هئا.











