وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان گڏ بشڪيڪ ۾ آلا آرچا نيشنل پارڪ جو دورو

بشڪيڪ - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان گڏ بشڪيڪ ۾ آلا آرچا نيشنل پارڪ جو دورو ڪيو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر صادر زاپاروف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آلا آرچا نيشنل پارڪ اچڻ تي آجيان ڪئي وئي ۽ انهن کي ڪرغزستان جي ثقافت ۽ روايتن بابت ٻڌايو ويو. دوري دوران وزيراعظم …

بشڪيڪ – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان گڏ بشڪيڪ ۾ آلا آرچا نيشنل پارڪ جو دورو ڪيو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر صادر زاپاروف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آلا آرچا نيشنل پارڪ اچڻ تي آجيان ڪئي وئي ۽ انهن کي ڪرغزستان جي ثقافت ۽ روايتن بابت ٻڌايو ويو. دوري دوران وزيراعظم کي ڪرغزستان جي ثقافت ۽ ان سان واڳيل مختلف روايتي سرگرمين، ثقافتي رقص ۽ ٻين روايتي فنون جو مظاهرو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغز عوام جي شاندار ثقافتي روايتن ۽ صدين تي ٻڌل ورثي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم روايتي گهوڙ سواري، بازن ذريعي شڪار ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين جو مشاهدو ڪيو. وزيراعظم ڪرغزستان جي ثقافتي روايتن کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.