بشڪيڪ - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان ٻطرفي واپاري ماپي کي ايندڙ ٻن سالن ۾ 16 ملين ڊالر کان 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي تعليم، صحت، واپار، موسمياتي تبديلي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلين ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي ڀائيواري کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ عملي ۽ لاڀائتن قدمن تي اتفاق ڪيو آهي …
پاڪستان ۽ ڪرغزستان پاران ٻطرفي واپاري ماپي کي 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ، ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت تي مڪمل ڪرڻ سميت اقتصادي ڀائيواري کي نئين بلندين تائين پهچائڻ تي اتفاق
بشڪيڪ – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان ٻطرفي واپاري ماپي کي ايندڙ ٻن سالن ۾ 16 ملين ڊالر کان 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي تعليم، صحت، واپار، موسمياتي تبديلي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلين ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي ڀائيواري کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ عملي ۽ لاڀائتن قدمن تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪرغزستان وچ ايشيا ۾ پاڪستان جو اهم ڀائيوار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لنگهه جو معاهدو هڪ سُٺي اڳڀرائي آهي، معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحُون ٻطرفي تعاون کي فروغ جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي، موجوده ٻطرفي واپاري ماپي کي ايندڙ ٻن سالن ۾ 16 ملين ڊالر کان 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جو عزم رکُون ٿا، ڪاسا 1000 منصوبي جو بروقت مڪمل ٿيڻ ضروري آهي، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ٻين جديد خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائينداسين. ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ گڏيل لاڳاپن کي نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجُود آهن، پاڪستان سان دواسازي، زراعت، توانائي، ننڍي مشينري، سياحت، ڊجيٽل معيشت، ورچوئل اثاثن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل منصوبن تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هُنن اهڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن هتي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ معاهدن جي دستاويزن جي ڏي وٺ جي تقريب جي موقعي تي هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جبلن ۾ گهيريل شهر بشڪيڪ ۾ موجودگي تي خوشي آهي، پرخلوص ۽ فراخدلاڻي ميزباني تي ڪرغزستان جي صدر زاپاروف ۽ ڪرغز عوام جا ٿورائتا آهيون، ڪرغزستان جي عوام کي پاڪستان جي عوام پاران آزادي جي ڏهاڙي ۽ نوميڊ گيمز جي ميزباني تي دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، مون کي به افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جو موقعو مليو، پاڪستان به انهن راندين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. وزيراعظم ڪرغزستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو 28– 2027ع جي لاءِ غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب چيئرمين شپ تي پڻ مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم ڪرغزستان جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي چونڊ جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون، ڪرغزستان جي صدر جي قيادت ۾ ملڪ جي شاندار ترقي کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهيون ۽ ڪرغزستان متاثر ڪندڙ اقتصادي هدف حاصل ڪيا آهن ۽ ان ترقي کي عوامي خدمت جو دائرو وسيع ڪرڻ ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي جي ذريعي زندگي جي بهتر معيار ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ بامقصد قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي جيڪو قومن جي وچ ۾ امن ۽ تعاون جي حوالي سان اسان جو گڏيل مقصد آهي، ان سلسلي ۾ اڄ اسان جي انتهائي تعميري ۽ مفيد ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ ٻطرفي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن جي فروغ جي لاءِ مختلف ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته اقتصادي شعبي ۾ تعاون اسان جي ڳالهه ٻولهه جو محور هو، پاڪستان ڪرغزستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، اسان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ عملي ۽ ڪارائتي مرحلي طرف وٺي وڃڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ عملي قدمن جي جامع منصوبي تي عمل ڪيو ويندو جنهن جو مقصد ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ، واپاري طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ، گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي فروغ ڏيڻ، صنعتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڌوسنئون ڪاروباري رابطن کي سگهه ڏيڻ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٻطرفي تعاون جي فروغ جي نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم چيو ته هن وقت پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو رڳو 16 ملين ڊالر آهي جيڪو اسان جي دوستي، ڀائيچاري ۽ مضبوط لاڳاپن سان ڪنهن به طرح هڪ جهڙائي نٿو رکي، اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 16 ملين ڊالر کان وڌائي 200 ملين ڊالر تائين وٺي وڃون، اهو ڪو مشڪل ڪم نه آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري ۽ مالياتي ادارن جي ڪرغزستان جي ڪاروباري ۽ مالياتي ادارن جي ذميوارن سان وسيع تر رابطن جي آجيان ڪريون ٿا تهجيئن ٻطرفي اقتصادي تعاون جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائي سگهجي. پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي حڪومتن ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيندا. رابطاڪاري ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي لاءِ اسان جي گڏيل ويزن جو محور آهي. اسان لنگهه واپار جي معاهدي جي آجيان ڪريون ٿا جنهن سان ٻطرفي واپار کي هٿي ملندي، سفري سهولتون بهتر ٿينديون ۽ علائقائي سطح تي رابطي جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چار ملڪي لنگهه معاهدي تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ٽرانسپورٽ، ڪسٽمز ۽ انتظامي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. توانائي جي شعبي ۾ تعاون اسان جي حصيداري جو اهم ٿنڀ آهي. اسان ڪاسا – 1000 منصوبي جي وقت سر تڪميل جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ بجلي، پن بجلي، متبادل توانائي، توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ جديد ٽيڪنالاجي بابت عملي تعاون جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جو قيام خوش آئنده آهي. ٻئي ملڪ واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ قانونن کي وڌيڪ آسان بڻائيندا. وزيراعظم ڪرغزستان پاران ڪاسا – 1000 منصوبي جي تڪميل ۾ اڳڀرائي تي ڪرغزستان جي صدر کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته کيس ان ڳالهه تي خوشي آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعيلم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، صحت، ثقافت ۽سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملي آهي، اسان ٻن قديم شهرن اوش ۽ لاهور جي وچ ۾ سسٽر سٽي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي آجيان ڪريون ٿا، سلمان ٽو، لاهور قلعه ۽ بادشاهي مسجد شاندار تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جي عڪاسي ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون تي به ڳالهه ٿي آهي، اسان دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ٻين موجوده خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪرغزستان جي صدر سان ملاقات ۾ ٻطرفي معاملن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جا علائقائي ۽ عالمي معاملا پڻ بحث هيٺ آيا ۽ اسان ماحولياتي ۽ موسمياتي مسئلن تي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو آهي ته موثر گهڻ رخو نظام عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪرغزستان کي وچ ايشيا ۾ انتهائي اهم ۽ قابل قدر حصيدار تصور ڪري ٿو، اسان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو، ٻئي ملڪ گڏجي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف ڪم ڪندا. وزيراعظم ڪرغزستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ان موقعي تي ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد کي ڪرغزستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پاڪستان جي منهنجي دوري کانپوءِ صدر آصف علي زرداري به هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪرغزستان جو دورو ڪيو هو. مختصر عرصي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي رابطا مضبوط گڏيل اعتماد ۽ ڪرغزستان پاڪستان لاڳاپن کي نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي گڏيل عزم جو عڪاس آهن. پاڪستان سان اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي چ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پاڪستان سان لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ڪرغز صدر چيو ته معيشت جو شعبو ڪرغزستان ۽ پاڪستان جي حصيداري جو وڏو ٿنڀ آهي. اسان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ منظم قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. اسان دواسازي، زراعت، توانائي، هلڪي مشينري، سياحت، ڊيجيٽل معيشت، ورچوئل اثاثن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ تيار آهيون. ٽرانسپورٽ ۽لاجسٽڪس تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستان جون بندرگاهون ڏکڻ ايشيا جي مارڪيٽن ۽ عالمي واپار جي لاءِ ڪرغزستان جو قدرتي رستو آهن. اهڙي طرح ڪرغزستان وچ ايشيا ۽ يورو ايشيا ويزن جي مارڪيٽن تائين پهچ جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ اهم گذرگاهه آهي. هن چيو ته اسان توانائي جي شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين. ڪاسا – 1000 منصوبو ڏکڻ ايشيا جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، عوام جي سطح تي رابطا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط بنياد آهي، هزارين پاڪستاني شاگرد ڪرغزستان ۾ خاص طور تي ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جيڪي اڳتي هلي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو ذريعو بڻجندا، سائنس، ثقافت، سياحت، نوجوانن جي دورن ۽ راندين جو شعبو به ٻطرفي لاڳاپن ۾ اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان جو راندين جو هڪ وڏو دستو ڇهين عالمي نوميڊ گيمز ۾ حصو وٺي رهيو آهي. اڄ جي ڳالهه ٻولهه سان پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي لاءِ مضبوط بنياد رکيو ويو آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي وئي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي.












