بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ آتابيئت يادگار ڪمپليڪس جو دورو ڪيو. اربع ڏينهن آتابيئت پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال ڪرغزستان جي فرسٽ نائب وزيراعظم دانيار امان گيلديئيئف ۽ ثقافت، اطلاعات ۽ نوجوانن واري وزير ميربيڪ مامبيتاليئيف ڪيو. وزيراعظم آتابيئت ۾ مشهور اديب چنگيز ايتماتوف جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي. چنگيز ايتماتوف ناليوارو ڪرغز …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ آتابيئت يادگار ڪمپليڪس جو دورو
بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ آتابيئت يادگار ڪمپليڪس جو دورو ڪيو. اربع ڏينهن آتابيئت پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال ڪرغزستان جي فرسٽ نائب وزيراعظم دانيار امان گيلديئيئف ۽ ثقافت، اطلاعات ۽ نوجوانن واري وزير ميربيڪ مامبيتاليئيف ڪيو. وزيراعظم آتابيئت ۾ مشهور اديب چنگيز ايتماتوف جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي. چنگيز ايتماتوف ناليوارو ڪرغز ۽ سوويت ليکڪ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آتابيئت يادگار ڪمپليڪس ۾ يادگار تي گلن جي چادر به چاڙهي ۽ اتي دفن ٿيل ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آتابيئت يادگار ڪمپليڪس هڪ اهم قومي ۽ تاريخي يادگار ماڳ ۽ قبرستان آهي. آتابيئت جو مطلب "اسان جي ابن ڏاڏن جي قبر” آهي، ان ماڳ تي ڪرغزستان جي ڪيترن ئي مشهور شخصيتن جُون قبرون آهن.












