بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان تعليم، صحت، واپار، موسمياتي تبديلي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ان حوالي سان دستاويزن جي ڏي وٺ جي تقريب اربع ڏينهن ڪرغزستان جي صدارتي محل ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف پڻ ان موقعي تي موجود …
پاڪستان ۽ ڪرغزستان پاران تعليم، صحت، واپار، موسمياتي تبديلي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان تعليم، صحت، واپار، موسمياتي تبديلي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ان حوالي سان دستاويزن جي ڏي وٺ جي تقريب اربع ڏينهن ڪرغزستان جي صدارتي محل ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي. معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (ISSI) ۽ جمهُوريه ڪرغزستان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ انيشيئيٽوز جي وچ ۾ هڪ مفاهمت جي يادداشت، پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي معاملن جي وزارت جي وچ ۾ 27- 2026ع جي لاءِ تعاون جو پروگرام، پاڪستان جي حڪومت ۽ ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت معاهدو، ڪرغزستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ حوالگي جو معاهدو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي حڪومت جي وچ ۾ سائنس ۽ فني تعاون جو معاهدو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ فوجداري معاملن ۾ گڏيل قانوني مدد جي معاهدي جو مسودو، ڪرغزستان جي گهرو وزارت ۽ پاڪستان جي گهرو ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي وچ ۾ منشيات، نشي وارين شين ۽ پريڪرسر ڪيميڪلز جي اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، ڪرغزستان جي صحت واري وزارت ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي وچ ۾ طبي تعليم جي لاءِ تعاون سان لاڳاپيل مفاهمت جي يادداشت، ڪرغزستان جي تعليم واري وزارت ۽ پاڪستان جي وفاقي تعليم ۽ پيشه وراڻي تربيت واري وزارت جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون بابت مفاهمت جي يادداشت، ڪرغزستان جي قدرتي وسيلن، ماحول ۽ فني نگراني واري وزارت ۽ پاڪستان جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي ڪوآرڊينيشن بابت وزارت جي وچ ۾ ماحول ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت، اين ڊي يو پاڪستان ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ انيشيئيٽو ڪرغزستان جي وچ ۾ تعليمي تحقيق ۽ معاون سرگرمين جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو)، ڪرغزستان جي صدر جي ماتحت نيشنل ايجنسي فار ورچوئل اثاثن ۽ بلاڪچين ٽيڪنالاجيز ۽ پاڪستان ورچوئل اثاثا ريگيوليٽري اٿارٽي جي وچ ۾ ورچوئل اثاثن جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو)، لاهور ۽ ڪرغزستان جي شهر اوش جي وچ ۾ سسٽر سٽي لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت معاهدو، او جي ايس سي ڪرغزستان پوسٽ ۽ پاڪستان پوسٽ جي وچ ۾ پوسٽل سروسز ۽ اي ڪامرس جي شعبي ۾ گڏيل تعاون سان لاڳاپيل ٻطرفو معاهدو، ۽ ڪرغزستان جي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي جي دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان طرفان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي جڏهن ته ڪرغزستان جي طرفان لاڳاپيل وزيرن سدتاويزن جي مٽاسٽا ڪئي.












