بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ صدارتي محل آمد تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف وزيراعظم محمد شريف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. اربع ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ صدارتي محل ۾هڪ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ريڊ ڪارپٽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بشڪيڪ ۾ صدارتي محل آمد تي گرمجوشي سان استقبال
بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ صدارتي محل آمد تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف وزيراعظم محمد شريف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. اربع ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ صدارتي محل ۾هڪ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ريڊ ڪارپٽ استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ڪرغزستان جي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامي ڏني. ڪرغزستان جي صدر وزيراعظم شهباز شريف سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم به ڪرغزستان جي صدر سان پاڪستان جي وفد جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو.












