اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ويٽنام جي صدر ٽولام، حڪومت ۽ ويٽنام جي عوام کي سندن 81 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ چيو آهي ته 1945ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ کان وٺي، ويٽنام ڪيترن ئي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي ۽ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي شعبن …
صدر پاران ويٽنام جي صدر ٽولام، حڪومت ۽ ويٽنام جي عوام کي سندن 81 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ويٽنام جي صدر ٽولام، حڪومت ۽ ويٽنام جي عوام کي سندن 81 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ چيو آهي ته 1945ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ کان وٺي، ويٽنام ڪيترن ئي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي ۽ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ويٽنام سان پنهنجن خوشگوار ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي گهڻو قدر جي نگاه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي مڪمل صلاحيت مان لاڀ پرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ويٽنام ايندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 55هين سالگرهه ملهائيندا. ان اهم سنگ ميل جي موقعي تي آصف علي زرداري صدر ٽولام کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ان اهم موقعي کي گڏجي يادگار بڻائي سگهجي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.











