بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن بشڪيڪ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان ملاقات کان اڳ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪلوبايف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغزستان طرفان شنگھائي تعاون تنظيم جي ڪامياب قيادت، ايس سي او سربراهي اجلاس جي موثر ميزباني ۽ ڇهين عالمي نوميڊ راندين جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
بشڪيڪ- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن بشڪيڪ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان ملاقات کان اڳ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪلوبايف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغزستان طرفان شنگھائي تعاون تنظيم جي ڪامياب قيادت، ايس سي او سربراهي اجلاس جي موثر ميزباني ۽ ڇهين عالمي نوميڊ راندين جي افتتاحي تقريب جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير ڪلوبايف کي مبارڪباد ڏني. هن ايس سي او ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪرغزستان جي قيادت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، رابطي، علائقائي سلامتي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير ڪلوبايف پاڪستان کي 27- 2026ع لاءِ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان تنظيم جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ ۾ موثر قيادت فراهم ڪندو. هن ڪرغزستان جي پاڪستان سان ويجهن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن کان علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ لاءِ ايس سي او ۽ ٻين گهڻ طرفن فورمن تي ويجها رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. نائب وزيراعظم سان مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ به گڏ هئا.












