ٽيڪنالاجي جي موثر انداز ۾ استعمال سان ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام لاءِ انصاف واري نظام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي کي موثر انداز ۾ استعمال ۾ آڻي جاگرافيائي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ۽ خاص ڪري ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام لاءِ انصاف واري نظام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو، بلوچستان ۾ اي ڪورٽس جو قيام عوام کي سستو، وقت سر ۽ آسان انصاف فراهم ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. …

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي کي موثر انداز ۾ استعمال ۾ آڻي جاگرافيائي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ۽ خاص ڪري ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام لاءِ انصاف واري نظام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو، بلوچستان ۾ اي ڪورٽس جو قيام عوام کي سستو، وقت سر ۽ آسان انصاف فراهم ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. سپريم ڪورٽ  مان جاري پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪوئيٽا برانچ رجسٽري ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ ۽ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد ڪامران خان ملاخيل کي سڄي بلوچستان ۾ اي ڪورٽس جي قيام بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن جن ۾ زوب، زيارت، گوادر، چمن، تربت، نصير آباد ۽ مڪران ريجن جا ضلعا شامل آهن، کان ججن ۽ وڪيل برادري جي ميمبرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اي ڪورٽس جو مقصد وڪيلن ۽ سائلين کي پنهنجي لاڳاپيل ضلعن کان وڊيو لنڪ ذريعي ڪيسن جي پيروي جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بلوچستان جي وڏي جاگرافيائي پکيڙ، ضلعن ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ ڊگهي فاصلي، ڏکين علائقن، رستن جي خراب صورتحال ۽ ڪجهه علائقن ۾ امن امان جي مسئلن سبب سائلين ۽ وڪيلن کي ڪوئيٽا جي ڊگهي ۽ مهانگي سفر کان ڇوٽڪارو ملندو. اي ڪورٽس ذريعي ڪيسن جي وقت سر ٻڌڻي ممڪن ٿيڻ سان گڏوگڏ انصاف واري نظام کي وڌيڪ پهچ جوڳو، موثر ۽ عوام دوست بڻائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چمن، پشين، زوب، قلعه سيف الله، ڊيره الله يار، ڊيره مراد جمالي، گوادر، خضدار، تربت سبي، لورائي لئي ۽ ڪوئيٽا سميت مختلف هنڌن تي وڊيو لنڪ جو ضروري سامان لڳايو ويو آهي، جڏهن ته زيارت، هرنائي، مستونگ، حب، نوشڪي، خاران، دالبندين، پنجگور، سرياب، قلعه عبدالله، ڊيره بگٽي سميت باقي هنڌن تي اوزار لڳائڻ جو عمل جاري آهي. چيف جسٽس بلوچستان ۾ اي ڪورٽس جي قيام جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ٽيڪنالاجي جو موثر طريقي سان استعمال  ڪندي جاگرافيائي رڪاوٽون ختم ڪرڻ گهرجن ته جيئن انصاف واري نظام کي خاص ڪري ڏورانهن ۽ سهولتن کان محروم علائقن جي عوام جي ويجهو آڻي سگهجي.