اسان  ۽ صوبي جي عوام کي سنڌ جو ڪنهن به صورت ۾ ورهاڱو قبول ناهي: حڪومتي ميمبر

ڪراچي-01 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو مسلسل ٻئي ڏينهن به پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر نثار احمد کهڙي سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جي قيام بابت پيش ڪيل التوا واري رٿ تي بحث جاري رکيو ويو، جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪيترن ئي ميمبرن حصو ورتو. حڪومتي ميمبرن واضح ۽ چٽو موقف اختيار ڪندي چيو ته کين ۽ …

ڪراچي-01 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو مسلسل ٻئي ڏينهن به پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر نثار احمد کهڙي سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جي قيام بابت پيش ڪيل التوا واري رٿ تي بحث جاري رکيو ويو، جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪيترن ئي ميمبرن حصو ورتو. حڪومتي ميمبرن واضح ۽ چٽو موقف اختيار ڪندي چيو ته کين ۽ صوبي جي عوام کي سنڌ جو ڪنهن به صورت ۾ ورهاڱو قبول ناهي. پيپلز پارٽي جي هڪ ميمبر چيو ته سنڌ بيڪري جو ڪيڪ ناهي، جنهن جا ٽڪرا ڪيا وڃن. جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن چيو ته اهي به سنڌ جي ورهاست جي حق ۾ ناهن، پر صوبي ۾ بدانتظامي ۽ ناانصافين جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي سان گڏ مڪاني ادارن کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي.صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته نثار احمد کهڙي آئيني طريقيڪار تحت رستو اختيار ڪيو آهي، اچو ته گڏجي اتحاد سان پيغام ڏيون ته سنڌ ورهائجي نه سگهندي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاست ۽ سنڌ خلاف قرارداد گڏيل طور منظور ڪئي وڃي. ناصر حسين شاهه چيو ته پنجاب وارا جيڪڏهن نئون صوبو ٺاهڻ چاهين ته پاڻ ٺاهي وٺن، جڏهن پنجاب جي نون صوبن ۾ کير جون نديون وهڻ لڳن ته پوءِ اسان کي ٻڌائين ته ڏسو نئون صوبو ڪيئن آهي. هن اردو ڳالهائيندڙ ساٿين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اهي سنڌ جي ورهاست خلاف آهن ۽ پيپلز پارٽي سميت سڀئي جماعتون سنڌ جي ورهاڱي خلاف آهن.هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال به سنڌ جي ورهاست نٿو چاهي ۽ ايوان ۾ مصطفيٰ ڪمال جو هڪ آڊيو ڪلپ پڻ ٻڌايو. هن سمورن ميمبرن کي چيو ته اچو ته قرارداد گڏجي منظور ڪريون، سنڌ هڪ هئي ۽ هڪ رهندي. ناصر شاهه چيو ته اسان تي تنقيد ڪئي وڃي، اسان کلي دل سان قبول ڪنداسين، اسان تسليم ڪريون ٿا ته اسان کان به ڪوتاهيون ٿين ٿيون، پر پنهنجي طرفان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن مخالف ڌر کي چيو ته اسان جي خامين جي نشاندهي ڪريو، اسان ڪڏهن به برو نه سمجهنداسين. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته سڀني ماڻهن هڪ متفقه ڳالهه ڪئي آهي ته سنڌ جي ورهاست نه ٿيندي ۽ سنڌ جي وحدانيت تي ڪڏهن به ڪو سوال نه اٿندو. هن چيو ته ماضي ۾ ملتان تائين سنڌ جي حڪومت هئي ۽ عربن ساڍا ٽي سئو سال هتي حڪومت ڪئي، تڏهن به سنڌ ملتان تائين هئي. هن چيو ته جيڪڏهن اڄ ڪو سنڌ جون سرحدون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته سنڌ جا ماڻهو حڪمرانن کي نه ڇڏيندا. سنڌ جي ماڻهن انگريزن خلاف به تاريخي جنگ وڙهي ۽ جدوجهد ڪري سنڌ جو تحفظ ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ورهاست جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي پاڪستان جا خيرخواهه ناهن.صوبائي وزير ثقافت ذوالفقار علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ منهنجي ماءُ آهي. هن چيو ته ماضي ۾ نفرتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ صرف هڪ جماعت اهڙيون ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن هڪ وفاقي وزير کي چيو ته هو 14 ٻارن جي موت تي ڌيان ڏئي ۽ نفرتن جون ڳالهيون نه ڪري.پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر سميتا افضل چيو ته سنڌ اسان جي ريڊ لائين آهي، مان ڪراچي جي نمائندگي ڪريان ٿي، ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته اهي وڏا وزير بڻجي وڃن، پر ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪو به سنڌ جي ورهاست نٿو چاهي. هن چيو ته مان سنڌ جي ڌيءَ آهيان ۽ سنڌ اسان جي ڌرتي ۽ اسان جي ريڊ لائين آهي.ايم ڪيو ايم جي ميمبر افتخار عالم چيو ته انتظامي يونٽن کي سياسي تناظر ۾ نه ڏسڻ گهرجي، پاڪستان جي آبادي ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي، اسان سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون. هن چيو ته سندن جماعت ڪنهن قوميت خلاف ناهي، پر ناانصافين جو ازالو ٿيڻ گهرجي. هر سال اربين ۽ کربين رپين جي بجيٽ پيش ٿئي ٿي، پر عام ماڻهو جي حالت تبديل نٿي ٿئي.هن چيو ته انتظامي يونٽن جي بحث کي صرف سياسي نعري طور نه ڏسڻ گهرجي، پر انتظامي سڌارن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. هن مطالبو ڪيو ته اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪيو وڃي ۽ عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪيون وڃن، جڏهن ته وسيلن جي منصفاڻي ورڇ لاءِ انتظامي سڌارا ضروري آهن.پيپلز پارٽي جي حسن علي شاهه چيو ته صوبو ٺاهڻ لاءِ اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي ۽ اسان کي سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن چيو ته هن ئي ايوان پاڪستان ٺاهڻ واري قرارداد منظور ڪئي هئي ۽ اهو ايوان ڪڏهن به سنڌ کي ورهائڻ نه ڏيندو.ايم ڪيو ايم جي اعجاز الحق چيو ته سنڌي اسان جا ڀائر ۽ محسن آهن، سنڌين هجرت کان پوءِ انصار وارو ڪردار ادا ڪيو، اسان کي سنڌين سان ويڙهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان سنڌين جا مخالف ناهيون، اسان جو مسئلو اشرافيه ۽ سياستدانن سان آهي ۽ اسان سنڌ جي ورهاست نٿا چاهيون.پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد ميمبر اويس احمد چيو ته نثار احمد کهڙي التوا واري رٿ ڇو پيش ڪئي؟ ڇا هو سنڌ کي بلوچستان بڻائڻ چاهين ٿا؟پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر ندا کهڙي چيو ته نئون صوبو صرف نئين سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو نالو ناهي، پر اهو هڪ آئيني ادارو، قانون ساز اسيمبلي، انتظامي بيوروڪريسي ۽ مالي ڍانچي تي ٻڌل هوندو آهي. هن چيو ته نئين صوبي جي قيام سان سياسي نمائندگي، اثاثن، ذميوارين ۽ وسيلن بابت نوان سوال پيدا ٿيندا.هن چيو ته موجوده حڪومت کي نون صوبن بدران موجوده مڪاني نظام کي موثر بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن مقصد اختيار عوام تائين پهچائڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي.پيپلز پارٽي جي ميمبر جميل احمد سومري چيو ته مان مخالف ڌر جو شڪرگذار آهيان ته هنن سنڌ جي وحدت خلاف ڪا ڳالهه نه ڪئي. هن چيو ته سنڌ جي عوام تاريخي طور هميشه سنڌ جي ورهاست ۽ ڪراچي تي وفاقي ڪنٽرول جي مخالفت ڪئي آهي، پر ڪجهه قوتن پاڪستاني قوم کي هڪ قوم بڻجڻ نه ڏنو.هن چيو ته ون يونٽ لاڳو ڪري قوم کي ورهايو ويو. جميل سومري چيو ته مان قومپرستن جي عزت ڪريان ٿو، نسل پرستن جي ڳالهه نٿو ڪريان، صرف انتظامي فيصلن سان قومون ناهن بڻجنديون. هن سوال ڪيو ته واپارين ۽ ٽي وي چينلن جي مالڪن کي صوبن بابت ڳالهائڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟ هن چيو ته اهو حق صرف سنڌ اسيمبلي کي حاصل آهي ۽ سنڌ ۾ ڪو نئون صوبو نٿو بڻجي سگهي.هن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪجهه به برداشت نه ڪيو ويندو. امتياز شيخ چيو ته لاهور جي هڪ ميڊيا مالڪ هي معاملو شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ وفاقي وزيرن اهڙيون ڳالهيون ڪيون، هن چيو ته انتظامي يونٽ ته ضلعا ۽ ڊويزن هوندا آهن، جيڪڏهن اهڙا انتظامي يونٽ گهربل آهن ته تجويزون ڏنيون وڃن، مڪاني قانونن تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، پر سنڌ جي وحدت تي ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي.ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فوزيه حميد چيو ته اسان کي نون انتظامي يونٽن تي ڳالهائڻ کان ڊڄڻ نه گهرجي ۽ ان معاملي تي سنجيدگي سان بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جي آدمشماري درست ٿئي ها ته آبادي وڌيڪ ظاهر ٿئي ها. ايم ڪيو ايم هميشه اختيارن جي ورڇ جي ڳالهه ڪئي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن مڪاني نظام کي بااختيار نه بڻايو ويندو ته انتظامي يونٽن جا آواز اڀرندا رهندا. اچو ته گڏجي مضبوط ۽ مستحڪم سنڌ ٺاهيون.پيپلز پارٽي جي ڄام شبير علي مخالف ڌر کي چيو ته سنڌ جي ورهاست خلاف اسان جو ساٿ ڏيو، سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ سنڌ جي وحدانيت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. ايم ڪيو ايم جي ميمبرن چيو ته مصر ۾ 27 صوبا آهن، اتي ڪنهن اعتراض ناهي ڪيو. هنن چيو ته سنڌ جي 37 سيڪڙو آبادي ڪراچي ۾ رهي ٿي، موجوده ڊويزنن کي انتظامي يونٽ بڻايو وڃي. انتظامي يونٽ بڻجڻ سان وسيلن جي ورڇ سڀني يونٽن ۾ ٿيندي ۽ غريب ماڻهو به وڏا وزير بڻجي سگهندا. هن چيو ته اسين سنڌ جي تقدير تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ۽ ڪراچي ۾ انتظامي يونٽ گهرجي.بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.