ذميواراڻي ۽ پيشيواراڻي صحافت پاڪستان جو متوازن، مثبت ۽ تعميري تشخص دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي مفادن کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ذميواراڻي ۽ پيشيواراڻي صحافت پاڪستان جو متوازن، مثبت ۽ تعميري تشخص دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي مفادن کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان آبزرور جي چيئرمين ۽  ايڊيٽر …

اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ذميواراڻي ۽ پيشيواراڻي صحافت پاڪستان جو متوازن، مثبت ۽ تعميري تشخص دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي مفادن کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان آبزرور جي چيئرمين ۽  ايڊيٽر انچيف فيصل زاهد ملڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پارلياماني سفارتڪاري ۽ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فيصل زاهد ملڪ پاڪستان آبزرور جي ڪردار کي ساراهڻ تي وقتي صدر جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته اخبار سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي قومي مفادن ۽ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندي. ان موقعي تي پاڪستان  آبزرور جو ڊپٽي ايڊيٽر انچيف سعود فيصل ملڪ پڻ موجود هو.