اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي سانوڻي جي برساتن جي صورتحال جي روشني ۾ قومي سطح تي موثر رد عمل، وقت سر قدمن ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو 17 هون اجلاس منعقد ٿيو جنهن جي صدارت رٿابندي …
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي سانوڻي جي برساتن جي صورتحال جي روشني ۾ قومي سطح تي موثر رد عمل، وقت سر قدمن ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جو 17 هون اجلاس منعقد ٿيو جنهن جي صدارت رٿابندي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ جاري سانوڻي جي برساتن جي صورتحال، جاري ٻوڏ جي صورتحال، امڪاني خطرن ۽ قومي سطح تي هنگامي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اين ڊي ايم اي طرفان امڪاني موسمي ۽ ٻوڏ جي خطرن جي مسلسل نگراني ۽ لاڳاپيل ادارن کي وقت سر الرٽس جاري ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي. ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي قومي سطح تي موثر رد عمل، وقت سر قدمن ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ سانوڻي جي صورتحال جي روشني ۾ ايندڙ حڪمت عملي تي عمل ۽ هنگامي رد عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي هدايت ڪئي ته عوام اين ڊي ايم اي جي آفيشل ايپ ”پاڪ اين ڊي ايم اي ڊزاسٽر الرٽ“ تان وقت سر معلومات حاصل ڪري، ڪنهن به امڪاني ٻوڏ جي صورتحال ۾ مدد لاءِ 911 ملايو.











