ماسڪو - 01 سيپٽمبر (اي پي پي) او پيڪ پلس جي 7 ملڪن سيپٽمبر ۾ تيل جي پيداوار وڌائي ڇڏي آهي. او پيڪ پلس جي 7 ملڪن سيپٽمبر ۾ تيل جي پيداوار ۾ هڪ لک 88 هزار بيرل روزانو جو اضافو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ انهن ملڪن جي مجموعي پيداواري ڪوٽا 3 ڪروڙ 10 لک 10 هزار بيرل روزانو تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته او پيڪ جي …
او پيڪ پلس جي 7 ملڪن طرفان سيپٽمبر ۾ تيل جي پيداوار ۾ هڪ لک 88 هزار بيرل روزانو واڌ جو اعلان
ماسڪو – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) او پيڪ پلس جي 7 ملڪن سيپٽمبر ۾ تيل جي پيداوار وڌائي ڇڏي آهي. او پيڪ پلس جي 7 ملڪن سيپٽمبر ۾ تيل جي پيداوار ۾ هڪ لک 88 هزار بيرل روزانو جو اضافو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ انهن ملڪن جي مجموعي پيداواري ڪوٽا 3 ڪروڙ 10 لک 10 هزار بيرل روزانو تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته او پيڪ جي انگن اکرن مطابق او پيڪ پلس جي 7 ملڪن (سعودي عرب، روس، عراق، ڪويت، قازقستان، الجزائر ۽ عمان) تي ٻڌل گروپ تيل جي پيداوار ۾ رضاڪاراڻي طور تي ڪيل گهٽتائي کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي عمل تحت پيداوار ۾ اضافو ڪيو آهي. او پيڪ پلس آڪٽوبر 2025ع کان تيل جي پيداوار ۾ 16 لک 50 هزار بيرل روزانو جي اضافي رضاڪاراڻي گهٽتائي کي مرحليوار ختم ڪرڻ شروع ڪيو هو. گڏيل عرب امارات پهرين مئي 2026ع تي او پيڪ ۽ او پيڪ پلس کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ ان گهٽتائي جو موثر ڳاڻيٽو اٽڪل 15 لک بيرل روزانو ٿي ويو هو. سيپٽمبر ۾ او پيڪ پلس جي 7 ملڪن ان رضاڪاراڻي پيداواري گهٽتائي کي مڪمل طور تي ختم ڪندي روڪيل تيل جو مقدار ٻيهر عالمي منڊي ۾ واپس اچي ويندو. او پيڪ پلس ملڪن اڳوڻي اضافي پيداوار جي ازالي لاءِ مقرر ڪيل مدي سال 2026ع جي پڄاڻي تائين وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته نظرثاني ٿيل شيڊول اڃا تائين جاري ناهي ڪيو ويو. او پيڪ پلس جا 7 ملڪ عالمي تيل مارڪيٽ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهوار اجلاس جاري رکندا، جڏهن ته ايندڙ اجلاس 6 سيپٽمبر تي ٿيندو.












