اسلام آباد - پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ ۽ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بشڪيڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ ۽ موثر گهڻ رخي نظام جي فروغ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ويجهي حصيداري کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي) جي ايندڙ اجلاس جي تيارين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سيڪريٽري جنرل گهڻ رخي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي تعميري ۽ اصولي ڪردار کي ساراهيو ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪيو. پرڏيهي آفيس گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ سان رابطو ڪري دوري جي تاريخن کي حتمي شڪل ڏيندي.











