اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد ۾ شديد برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ برسات سبب متاثر علائقن جو دورو ڪيو. دوري دوران مختلف علائقن ۾ برسات بعد ٿيل صورتحال، پاڻي جي نيال جي انتظامن ۽ شهرين جي درپيش مشڪلاتن جو جائزو ورتو ويو. هيٺاهين وارن علائقن ۽ رستن تي گڏ ٿيل پاڻي فوري ڪڍڻ جي …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران اسلام آباد ۾ شديد برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ متاثر علائقن جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد ۾ شديد برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ برسات سبب متاثر علائقن جو دورو ڪيو. دوري دوران مختلف علائقن ۾ برسات بعد ٿيل صورتحال، پاڻي جي نيال جي انتظامن ۽ شهرين جي درپيش مشڪلاتن جو جائزو ورتو ويو. هيٺاهين وارن علائقن ۽ رستن تي گڏ ٿيل پاڻي فوري ڪڍڻ جي هدايت ڪئي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ ايڪس پوسٽ ۾ هن چيو ته شهرين جي اچ وڃ بحال رکڻ ۽ عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. شديد برسات سبب ڪجهه علائقن ۾ نالا ۽ اوورفلو ٿيڻ سان شهرين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، سي ڊي اي، ميونسپل ڪارپوريشن، اسلام آباد انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ادارا فيلڊ ۾ متحرڪ آهن. ضلعي انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي ته پاڻي جي نيڪالي جي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ۽ جتي به پاڻي گڏ آهي اتي فوري ڪارروائي ڪندي شهرين جي مشڪلاتن جو ازالو ڪيو وڃي.











