اسلام آباد - 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق 21 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11788 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11922 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. 21 آگسٽ تي ختم ٿيل …
ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ: اسٽيٽ بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق 21 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11788 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل هفتي گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 11922 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. 21 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ بئنڪن جي مجموعي کاتن جو ڳاڻيٽو 31894 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي 31857 ارب رپيا هو. ساڳئي طرح ايم ٽو جو ڳاڻيٽو 43732 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي ۾ 43831 ارب رپيا هو.











