موسمياتي تبديلي سبب عالمي نقصان جو ڳاڻيٽوساليانو 450 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان

لنڊن- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آَفتن سبب دنيا کي ايندڙ سالن ۾ هڪ سال دوران اٽڪل 450 ارب ڊالرن جو نقصان درپيش ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته شديد تباهي جي صورت ۾ اهو نقصان وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي تجرياتي ڪمپني ”ويرسڪ ايناليٽڪس“ جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو آهي ته قدرتي آَفتن مان ٿيل عالمي نقصان جن جي سراسري ماليت اٽڪل 279 ارب …

لنڊن- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آَفتن سبب دنيا کي ايندڙ سالن ۾ هڪ سال دوران اٽڪل 450 ارب ڊالرن جو نقصان درپيش ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته شديد تباهي جي صورت ۾ اهو نقصان وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي تجرياتي ڪمپني ”ويرسڪ ايناليٽڪس“ جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو آهي ته قدرتي آَفتن مان ٿيل عالمي نقصان جن جي سراسري ماليت اٽڪل 279 ارب ڊالرز آهي، جو 62 هون سيڪڙو تائين حصو انشورس ٿيل ناهي. گڏيل قومن جي ڪاٿي موجب ٻه سال اڳ قدرتي آَفتن جن ۾ وڌندڙ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان به شامل آهي، سان ٿيل عالمي نقصانن جو ڳاڻيٽو 320 ارب ڊالر هو. وڌندڙ نقصان موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ اثرن جي عڪاسي ڪن ٿا. ٻئي طرف تباهي وارن خطرن سبب پيدا ٿيندڙ وڌندڙ نقصانن سبب انشورنس صنعت مجموعي اندازي موجب ٿيل نقصان جي ڀيٽ ۾ مسلسل گهٽ حصو پورو ڪري رهي آهي. وڏيون انشورنس ڪمپنين به ڪجهه علائقن ۾ پنهنجون خدمتون مڪمل طور تي محدود ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهڙن علائقن ۾ انشورنس پاليسين جي تجديد کان انڪار ڪيو آهي جتي خطرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ويرسڪ ايناليٽڪس موجب مارچ 2025ع ۾ ميانمار ۾ آيل 7.7 جي شدت جي زلزلي سبب اٽڪل 12 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، انشورنس ڪمپنين ان نقصان مان 100 ملين ڊالرن کان به گهٽ رقم جو احاطو ڪيو. اهڙي طرح جولاءِ 2025ع ۾ آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ آيل ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ڪاٿو 1.1 ارب ڊالر لڳايو ويو جڏهن ته ان ٻوڏ جي نتيجي ۾ 130 ماڻهو فوت ٿيا.