نيپال ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ هڪ هزار کان وڌي ويو، هزارين ماڻهو اڃا تائين لاپتا

کٽمنڊو - 01 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ 26 آگسٽ تي آيل تباهه آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتگيون هڪ هزار کان به وڌي ويون ۽ هزارين ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيپال جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اداري جي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته 3900 کان وڌيڪ ڄڻا اڃا تائين گم آهن، جن ۾ 600 کان وڌيڪ اهڙا ڪارڪن به شامل آهن جن جي باري ۾ خيال آهي ته هو ترشولي درياهه …

کٽمنڊو – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ 26 آگسٽ تي آيل تباهه آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتگيون هڪ هزار کان به وڌي ويون ۽ هزارين ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيپال جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اداري جي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته 3900 کان وڌيڪ ڄڻا اڃا تائين گم آهن، جن ۾ 600 کان وڌيڪ اهڙا ڪارڪن به شامل آهن جن جي باري ۾ خيال آهي ته هو ترشولي درياهه جي ڪناري هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جي ٻوڏ سبب مٽي سان ڀرجي وڃڻ وارين سرنگن جي وسيع نيٽ ورڪ ۾ ڦاٿل آهن. انجينئرز انهن سرنگن ۾ هوا پهچائڻ لاءِ پمپ استعمال ڪري رهيا آهن. هڪ امدادي ٽيم هڪ سرنگ ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب به ٿي، جڏهن ته هتان کان ڪو شخص نه مليو جنهن کانپوءِ ٽيم واپس اچي وئي. 33 ورهين جو انجينئر ۽ وس ڀنڊاري هڪ پن بجلي منصوبي جي سائٽ وٽان گم آهن. نيپال جي وزيراعظم ٻڌايو ته انهن منصوبن جي سائيٽس کان 279 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. امدادي ڪارروائي جي قيادت چين ۽ نيپال جي فوجي اهلڪارن تي ٻڌل هڪ عالمي ٽيم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڀارت، ڏکڻ ڪوريا ۽ آسٽريليا جا ماهر به امدادي سرگرمين ۾ شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيپال ۾ آيل تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتگيون 1056 ٿي ويون آهن.