اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ امن، معاشي تعاون، ڳالهين ۽ ترقي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان کي عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري ۽ خطي ۾ پنهنجي ڪردار کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي ٻڌل شنگهائي جذبي مان سکڻ گهرجي. وفاقي وزير اهڙن خيالن جو اظهار انسٽيٽيوٽ آف …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاران امن، ترقي ۽ علائقائي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي جذبي مان سکڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ امن، معاشي تعاون، ڳالهين ۽ ترقي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان کي عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري ۽ خطي ۾ پنهنجي ڪردار کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي ٻڌل شنگهائي جذبي مان سکڻ گهرجي. وفاقي وزير اهڙن خيالن جو اظهار انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز (آءِ آر ايس) اسلام آباد ۽ چائنا ميڊيا گروپ (سي ايم جي) جي اهتمام هيٺ اسلام آباد ۾ منعقد گڏيل سيمينار ”ايس سي او جا 25 سال: شنگهائي جذبو ۽ اسلام آباد سان هڪ نئون سفر“ ۾ خاص مهمان طور ڪيو. سيمينار ۾ سفارتڪارن، پاليسي سازن، ماهرن تعليم، ميڊيا جي نمائندن ۽ مختلف شعبن جي ماهرن شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي 25 سالا سفر، علائقائي معاملن ۾ ان جي بدلجندڙ ڪردار ۽ پاڪستان جي طرفان تنظيم جي صدارت سنڀالڻ جي حوالي سان ذميوارين ۽ امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ويهڪ جي شروعات نبيله جعفر، سينئر ريسرچ اينالسٽ ۽ سربراهه چائنا پروگرام، آءِ آر ايس ڪيو. هن معزز شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي ۽ وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو خصوصي ٿورو مڃيو ۽ هن اهم علائقائي موضوع تي ٿيندڙ ان ويهڪ ۾ شرڪت لاءِ وقت ڪڍيو. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ آءِ آر ايس جي صدر سفير جوهر سليم ايس سي او جي شروعاتي سفر تي روشني وڌي ۽ شنگهائي جذبي جي تصور جي وضاحت ڪندي گڏيل اعتماد، گڏيل مفاد، برابري، مشاورت ۽ اختلافن جي پرامن حل جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد پنهنجي خطاب ۾ موجوده ايس سي او سربراهي اجلاس کي عالمي سطح تي وڏي تبديلين جي دور ۾ ٿيل اهم اڳڀرائي قرار ڏنو، جتي عالمي لاڳاپن ۾ نيون حقيقتون اڀري رهيون آهن. عوامي جمهوريه چين جي سفارتخاني جي وزير قونصلر زوانگ شينيان پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۽ چين جي پراڻي ۽ مضبوط دوستاڻي لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ايس سي او جي قيام جي 25 سال مڪمل ٿيڻ جي اهميت تي روشني وجهندي امن، استحڪام ۽ گڏيل ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ تنظيم جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ايس سي او کي هڪ اهم تنظيم قرار ڏيندي چيو ته علائقائي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، چين جي غير معمولي معاشي ترقي جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي چين جي تجربي جو گهرائي سان مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ترقي جي سفر لاءِ عمل جوڳا سبق حاصل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب چين واحد ملڪ آهي جنهن مسلسل 30 سالن تائين ٻن ڊجٽس ۾ معاشي ترقي ڪئي. هن اهو ڪيئن ڪيو، اسان کي ان جو مطالعو ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته چين جو عروج ۽ دنيا ۾ معاشي ۽ سياسي اثر رسوخ جو اولهه کان اوڀر طرف منتقل ٿيڻ حاضر دور جي عالمي نظام ۾ ٿيل اهم تبديلين ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا مضبوط ۽ پراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ معاشي ۽ علائقائي تعاون لاءِ اهم بنياد فراهم ڪن ٿا. سنڌ طاس جي پاڻي جي مسئلي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏجي تڪرارن کي ڊيگهه ڏيڻ بدران گڏجي ويهي مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي. وفاقي وزير بشڪيڪ ۾ جاري ايس اي او اجلاس جي اهميت کي به اجاگر ڪيو جتي وزيراعظم محمد شهباز شريف شرڪت ڪري رهيو آهي. ويهڪ جي پڄاڻي گڏيل احترام، ڳالهين، تعاون ۽ اختلافن جي پرامن حل تي ٻڌل شنگهائي جذبي مان سکڻ جي گڏيل عزم سان ٿي، جڏهن ته علائقائي رابطن، معاشي ترقي ۽ عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي به زور ڀريو ويو.











