جن ادارن ۾ عورتون ڪم ڪن ٿيون انهن کي گھرجي ته پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪن ۽ پاڻ سان ٿيندڙ هراسمينٽ خلاف آواز اٿارين: محتسب سنڌ لاڙڪاڻو جو ريجنل ڪنسلٽنٽ سيد شڪيل حيدر

لاڙڪاڻو - 01 سيپٽمبر  (اي پي پي)صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس لاڙڪاڻو جي ريجنل ڪنسلٽنٽ سيد شڪيل حيدر چيو آهي ته جن ادارن ۾ عورتون ڪم ڪن ٿيون انهن کي گھرجي ته پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪن ۽ پاڻ سان ٿيندڙ هراسمينٽ خلاف آواز اٿارين. قانون ۾ سزا تجويز ٿيل آهي پر ان لاءِ توهان ۽ اسان ۽ خاص طور تي عورتن کي آواز اٿارڻ گھرجي ته جيئن کين انصاف ملي سگھي. اهڙن خيالن جو …

لاڙڪاڻو – 01 سيپٽمبر  (اي پي پي)صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس لاڙڪاڻو جي ريجنل ڪنسلٽنٽ سيد شڪيل حيدر چيو آهي ته جن ادارن ۾ عورتون ڪم ڪن ٿيون انهن کي گھرجي ته پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪن ۽ پاڻ سان ٿيندڙ هراسمينٽ خلاف آواز اٿارين. قانون ۾ سزا تجويز ٿيل آهي پر ان لاءِ توهان ۽ اسان ۽ خاص طور تي عورتن کي آواز اٿارڻ گھرجي ته جيئن کين انصاف ملي سگھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن (اين آءِ سي وي ڊي) ڪارڊيو اسپتال لاڙڪاڻي ۾ عورتن سان ڪم وارين جاين تي ٿيندڙ هراسمينٽ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هراسمينٽ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن اوهان کي ڪو هراسان ڪري ٿو ته اوهان کي پاڻ ۾ همٿ ۽ جرئت پيدا ڪرڻ گھرجي، ان خلاف آواز اٿارڻ گھرجي، شاهديون گڏ ڪرڻ گھرجن ۽ خاموش نه ويهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته خاموشي ان جو علاج نه آهي، پاڻ سان ٿيندڙ هراسمينٽ کي پنهنجي والدين سان ذڪر ڪرڻ گھرجي ان لاءِ جو هو اوهان جا بهترين دوست آهن. هن وڌيڪ چيو ته هر اداري ۾ انڪوائريون ڪاميٽيون قائم ٿيل آهن جن جي اڳيان اوهان پاڻ سان ٿيندڙ هراسمينٽ خلاف آواز اٿاري سگھو ٿا پر ان لاءِ شاهديون مضبوط هئڻ گھرجن ته جيئن ڪاميٽي ان جو فيصلو ڪري سگھي. هن چيو ته 2010ع جي قانون مطابق هراسمينٽ جي داد رسي ڪئي وڃي ٿي پر ان لاءِ ضروري آهي ته عورتن کي پاڻ ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي ۽ خاص طور تي ڪم وارين جڳهن، اسپتالن ۾ پڻ عورتن کي هراسمينٽ ڪيو وڃي ٿو ان لاءِ کين خاموش نه رهڻ گھرجي ۽ آواز اٿارڻ ضروري آهي.هن وڌيڪ چيو ته اوهان بهادر ٿيو ۽ نه گھٻرايو ۽ محتسب ادارو ماڻهن جي داد رسيءَ لاءِ قائم ٿيل آهي جتي انصاف ملي سگھي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ سرڪاري ادرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن سان جيڪڏهن هراسمينٽ ٿئي ته اهو ادارو ان ڪاميٽي جي ڏنل رپورٽ جي آڌار تي فيصلو ڪري هراسمينٽ ڪندڙ کي سسپينڊ ڪري سگھي ٿو، سندس انڪريمينٽ ۽ ٻيون مراعتون روڪڻ سان گڏوگڏ قانوني سزائون ڏئي سگھي ٿو.ان موقعي تي ڊاڪٽر فياض مجتبيٰ شاھ هيڊ آف (اين ءِ سي وي ڊي) لاڙڪاڻو، عبدالوحيد سومرو ايڊمنسٽريٽر، انفارميشن آفيسر لاڙڪاڻو محمد اسلم کوکر، نزاڪت علي سمون ڦوٽوگرافر، اداري جا آفيسر، اسٽاف ميمبر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.