بشڪيڪ - پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ فني تربيت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاران مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
بشڪيڪ – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ فني تربيت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه بيلاروس جي صدر عالي اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلاروس جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي شعبن ۾ مضبوط تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن نومبر 2024ع ۾ صدر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي تاريخي دوري ۽ ان کانپوءِ اپريل 2025ع ۾ وزيراعظم جي بيلاروس جي يادگار دوري جو ذڪر ڪندي واپار، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ فني تربيت کي ترجيحي شعبن جي طور تي ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي ايندڙ چيئرمين جي حيثيت سان بيلاروس جي صدر کي ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ پراڻي دوستي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم ۽ پختي ارادي جو ورجاءُ ڪيو.











