دفاعي معاهدو ٽن ملڪن تائين محدود نه آهي: رشيد صافي

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي ۽ چيني معاملن بابت ماهر رشيد صافي چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ طئي ٿيل تاريخي دفاعي معاهدو  صرف ٽن ملڪن تائين محدود ناهي پر ٻين مسلمان ملڪن لاءِ به ان ۾ شموليت جا دروازا کُليل آهن. پي ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته مڪي شريف ۾ طئي ٿيل دفاعي معاهدو ٽن ڀائر اسلامي ملڪن جي …

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي ۽ چيني معاملن بابت ماهر رشيد صافي چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ طئي ٿيل تاريخي دفاعي معاهدو  صرف ٽن ملڪن تائين محدود ناهي پر ٻين مسلمان ملڪن لاءِ به ان ۾ شموليت جا دروازا کُليل آهن. پي ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته مڪي شريف ۾ طئي ٿيل دفاعي معاهدو ٽن ڀائر اسلامي ملڪن جي گڏيل اعتماد، سهڪار، اتحاد ۽ گڏيل سلامتي جي ويزن جي عڪاسي آهي. رشيد صافي چيو ته معاهدو مسلمان امت جي اتحاد، علائقائي امن، استحڪام ۽ اجتماعي سلامتي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. سندس مطابق ان فريم ورڪ جو دائرو مستقبل ۾ ٻين مسلمان ملڪن تائين به وسيع ڪري  سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ دفاعي سهڪار سان ٽنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا،  جڏهن ته خطي ۾ گڏيل سلامتي لاءِ نئيون راهون هموار ٿينديون. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي ۽ علائقائي حالتن ۾ مسلمان ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار ۽ گڏيل رابطا وقت جي اهم ضرورت آهن. هن چيو ته اجتماعي سلامتي جا اهڙا قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. رشيد صافي وڌيڪ چيو ته مڪو گڏيل دفاعي معاهدو هڪ وسيع ۽ لچڪدار فريم ورڪ جو بنياد فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ مستقبل ۾ ٻين خواهشمند مسلمان ملڪن جي شموليت جي گنجائش موجود آهي.