بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ وچن جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ايس سي او ملڪن جي لاءِ گڏيل خطرو آهي، دهشتگردي کي ان جي سمورين قسمن ۽ مظاهر بشمول رياستي دهشتگردي، واضح ۽ غيرمبهم لفظن ۾ مذمت جوڳو قرار ڏيڻ گهرجي، پاڪستان عالمي امن جي ڪوششن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ايس سي او جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ وچن جو ورجاءُ

مزید خبریں
بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ وچن جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ايس سي او ملڪن جي لاءِ گڏيل خطرو آهي، دهشتگردي کي ان جي سمورين قسمن ۽ مظاهر بشمول رياستي دهشتگردي، واضح ۽ غيرمبهم لفظن ۾ مذمت جوڳو قرار ڏيڻ گهرجي، پاڪستان عالمي امن جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، مڪه گڏيل دفاعي معاهدو اتحاد ۽ گڏيل عزم جو واضح پيغام آهي، عالمي برادري کي بيگناهه فلسطيني عوام جي تڪليفن جي خاتمي ۽ انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي تحفظ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻا پوندا، پاڻي وسيلن بابت معاهدن جو مڪمل احترام ڪرڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن هتي شنگهائي تعاون تنظيم جي ايس سي او پلس اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته کيس شنگهائي تعاون تنظيم جي ايس سي او پلس جي دوستن ۽ حصيدارن جي ميڙ کي خطاب جو موقعو مليو آهي، شنگهائي تعاون تنظيم ۾ وڌندڙ دلچسپي جو مشاهدو يقيني طور تي حوصلي جوڳو آهي جيڪو ان اهم علائقائي فورم جي وڌندڙ اثر ۽ رسوخ ۽ اهميت جو ثبوت آهي. هن چيو ته دنيا هن وقت بي مثال هنگاماخيزي ۽ تبديلي جي دور مان گذري رهي آهي، 80 سال اڳ گڏيل قومن جو قيام ان عالمگير خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ عمل ۾ آندو ويو هو ته سمورين جنگين ۽ تڪرارن جو خاتمو ٿئي ۽ پائيدار امن قائم ڪري سگهجي. انهن 8 ڏهاڪن دوران پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم ۽ ڪاربند رهيو آهي، اسان ان کي هڪ اهڙي موقعي جي طور تي ڏسون ٿا جنهن جي ذريعي وڌيڪ برابر، جمهوري ۽ منصفاڻو عالمي نظام جوڙي سگهجي ٿو جڏهن ته اڄ گڏيل قومن کي فوري طور تي سڌارن جي ضرورت آهي، ان کي وڌيڪ جوابده ۽ حالتن جي گهرجن موجب موثر بڻجڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان گذريل ٻن سالن دوران عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اسان جون امن ڪوششون اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن سان گڏ پنهنجي اهم مرحلي تي پهتيون اهو نار خطي ۾ جاري تڪرار جي خاتمي جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ عمل جوڳو ۽ پائيدار رستو آهي ۽ سمورين ڌرين جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن حاصل ڪرڻ جو هڪ وسيع طور تي قابل قبول بنياد آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪندڙ آهي جنهن اتحاد ۽ گڏيل عزم جو واضح پيغام ڏئي خطي ۾ امن جي امڪانن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي فروغ جي راهه هموار ڪئي آهي. هن چيو ته غزه ۽ اولهندي ڪناري جي صورتحال ساڳئي ريت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، عالمي برادري کي بيگناهه فلسطيني عوام جي تڪليفن جي خاتمي ۽ انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي تحفظ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻا پوندا، اهي ئي حق ٻين سمورين مظلوم قومن کي به ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پاڻي اسان جي خطي جي شهه رڳ آهي جيڪو لکين انسانن جي زندگين جو سهارو آهي، اسان جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو ۽ اسان جي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائي ٿو پاڻي کي ڪڏهن هٿيار جي طور تي استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ان کي سياسي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، اسان جي گڏيل پاڻي وسيلن بابت معاهدا لازمي پابندين ۽ واعدن جي حيثيت رکن ٿا جن جو هر صورت ۾ مڪمل احترام ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي اسان جي ميمبر ملڪن ۽ حقيقت ۾ هتي “ايس سي او پلس” نمائندگي رکندڙ ٻين ملڪن جي لاءِ پڻ هڪ گڏيل خطرو آهي، اسان علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي تحت پنهنجي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهيون جن ۾ ٽن برائين “دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ مذهبي انتهاپسندي” کي منهن ڏيڻ شامل آهي، پاڪستان دهشتگردي جو بهادري ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ۽ ان کي شڪست ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندو، 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانين جي قرباني ۽ 150 ارب ڊالر جي معاشي نقصان جي باوجود اسان جي قوم دهشتگردي جي خلاف نه رڳو پنهنجي پر پوري دنيا جي لاءِ پڻ پُرعزم ۽ ثابت قدم ٿي جدوجهد ڪئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته دهشتگردي کي ان جي سمورين قسمن ۽ شڪلين ۽ رياستي دهشتگردي سميت واضح ۽ غيرمبهم لفظن ۾ مذمت جوڳو قرار ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته علائقائي رابطا ۽ گڏيل رابطا اسان جي لاءِ هڪ گڏيل ترجيح آهي، جڏهن ته اهو رڳو انهي صورت ۾ حقيقت جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿو جڏهن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿئي، اهي دهشتگرد گروهه جيڪي افغان سرزمين کي پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن تي حملن ۽ بيگناهه ماڻهن جي قتل لاءِ استعمال ڪن ٿا انهن کي موثر انداز ۾ روڪڻ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته جيئن ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي سنڀالي رهيو آهي، اسان ان پختي يقين سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين ته ايس سي او کي پنهنجي عوام جي لاءِ ٺوس ۽ عملي فائدا فراهم ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ هڪ سال دوران اسان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت، توانائي، ترقي ۽ غربت جي خاتمي، آفتن کي منهن ڏيڻ، صحت، ثقافت ۽ راندين جي شعبن کي ترجيح ڏينداسين. وزيراعظم ايس سي او جي حقيقي صلاصحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ وچن جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ايس سي او کي وڌيڪ عظيم بلندين تائين وٺي وڃڻ جي پنهنجي ڪوششن ۾ اسان ان مقصد جي لاءِ ايس سي او جي ميمبر ملڪن ۽ پنهنجي قابل قدر ايس سي او پلس خاندان جي ڀرپور ۽ مخلصاڻي تعاون جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اڳواڻن کي 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ ايس سي او پلس اجلاس جي ايندڙ ايڊيشن ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.











