بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي قومي انٽيلي جنس تنظيم (ايم آءِ ٽي) جي ڊائريڪٽر ابراهيم قالن سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن کان علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي قومي انٽيلي جنس تنظيم جي ڊائريڪٽر ابراهيم قالن سان ملاقات

مزید خبریں
بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي قومي انٽيلي جنس تنظيم (ايم آءِ ٽي) جي ڊائريڪٽر ابراهيم قالن سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن کان علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدو ۽ ان جي اسٽريٽجڪ، سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس کانسواءِ خطي ۾ تازي اڳڀرائي شامل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ مسلسل رابطي ۽ سفارتي رابطي جي ضرورت آهي.











