نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان ملاقات

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي ڪارائتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط …

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي ڪارائتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل تعاون جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي رابطا برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.