اسلام آباد جي سيڪٽر اي اليون سميت غوري ٽائون فيز ٽو ۾ تيز برسات رڪارڊ

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ سيڪٽر اي اليون سميت غوري ٽائون فيز ٽو ۾ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ضلعي انتظاميه جي ترجمان مطابق متاثر علائقن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو عمل يقيني بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني هيٺ سينيٽيشن اسٽاف به پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ سرگرم آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جو وهڪرو جاري آهي، جنهن کي …

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ سيڪٽر اي اليون سميت غوري ٽائون فيز ٽو ۾ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ضلعي انتظاميه جي ترجمان مطابق متاثر علائقن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو عمل يقيني بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني هيٺ سينيٽيشن اسٽاف به پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ سرگرم آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جو وهڪرو جاري آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ضلعي انتظاميه شهرين کي غير ضروري چُرپُرمحدود رکڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال جي صورت ۾ انتظاميه کي آگاهه ڪيو وڃي.