گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران آمريڪا ۽ ايران کي وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جو مطالبو

گڏيل قومون- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ فوجي ڪارروائين ۾ اضافي کانپوءِ وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇنڇر  ڏينهن جي پڄاڻي تي فوجي ڪارروائين ۾ اضافو انتهائي افسوسناڪ آهي. …

گڏيل قومون- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ فوجي ڪارروائين ۾ اضافي کانپوءِ وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇنڇر  ڏينهن جي پڄاڻي تي فوجي ڪارروائين ۾ اضافو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کي وڌيڪ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هو سفارتي سرگرمين ۽ ڳالهين جي بحالي جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن اهڙو حل ڳولهيو وڃي جيڪو خطي ۾ استحڪام ۽ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ مدد ڏي.