واشنگٽن- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) نيويارڪ سٽي جي ٽائمز اسڪوائر ويجهو عورت چاقوءَ سان حملو ڪري هڪ شخص کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ٻڌايو ته جوابدار عورت ذهني طور تي پريشان نظر اچي رهي هئي. پوليس ڏوهاري عورت کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن چاقو زمين تي رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اتي موجود ماڻهن پوليس کي ٻڌايو …
نيويارڪ ۾ ٽائمز اسڪوائر ويجهو عورت چاقوءَ سان حملو ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو
واشنگٽن- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) نيويارڪ سٽي جي ٽائمز اسڪوائر ويجهو عورت چاقوءَ سان حملو ڪري هڪ شخص کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ٻڌايو ته جوابدار عورت ذهني طور تي پريشان نظر اچي رهي هئي. پوليس ڏوهاري عورت کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن چاقو زمين تي رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اتي موجود ماڻهن پوليس کي ٻڌايو ته عورت وٽ ٻه وڏا چاقو هٿن ۾ هئا، ماڻهن تي ڌمڪايو ۽ پوءِ انهن تي حملو ڪيو. نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته متاثر ٿيلن مان هڪ شخص فوت ٿي ويو آهي ۽ ٻيو هن وقت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جنهن حالت بهتر آهي. نيويارڪ پوليس جاچ دوران روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا.












