نئين دهلي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ڦٽاڪن جي هڪ فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪي سبب 8 ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي ڪوشامبي ۾ ڦٽاڪن جي هڪ غيرقانوني فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 ٻارن سميت 11 ماڻهو ٿڏي تي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڀارتي اختيارين ۽ پوليس …
ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 8 ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت
نئين دهلي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ڦٽاڪن جي هڪ فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪي سبب 8 ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي ڪوشامبي ۾ ڦٽاڪن جي هڪ غيرقانوني فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 ٻارن سميت 11 ماڻهو ٿڏي تي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڀارتي اختيارين ۽ پوليس موجب اهو افسوسناڪ واقعو ڦٽاڪن جي هڪ فيڪٽري ۾ ٿيو جيڪا غيرقانوني طور هلائي ويندي هئي. ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو جنهن جي نتيجي ۾ فيڪٽري جي عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ويجهن گهرن کي پڻ شديد نقصان پهتو.












