نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي آرمينيا جي پرڏيهي وزير ارارات مرزويان سان ملاقات

بشڪيڪ - پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي آرمينيا جي پرڏيهي وزير ارارات مرزويان سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي بيان موجب پاڪستان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي …

بشڪيڪ – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي آرمينيا جي پرڏيهي وزير ارارات مرزويان سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي بيان موجب پاڪستان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.