وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ ناروي جي سفير جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو

اسلام آباد - پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ ناروي جي سفير جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو، هن تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب سفارتخاني جي اعلى عملدارن وقتي صدر جو استقبال ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي تاثرات ۾ شاهه هيرالڊ پنج جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس …

اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ ناروي جي سفير جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو، هن تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب سفارتخاني جي اعلى عملدارن وقتي صدر جو استقبال ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي تاثرات ۾ شاهه هيرالڊ پنج جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پنهنجي پاران ناروي جي شاهه هاڪون هشتم، شاهي خاندان ۽ ناروي جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهارڪيو. هن چيو ته شاهه هيرالڊ پنج 35 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين دانشمندي، وقار ۽ لڳاءُ سان ناروي جي خدمت ڪئي ۽ آنجهاني شاهه جي ڊگهي حڪمراني ۽ پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي لاءِ سندس مخلصاڻي خدمتن کي انتهائي احترام سان يادر کيو ويندو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام جون دعائون شاهه هاڪون هشتم، شاهي خاندان ۽ ناروي جي عوام سان گڏ آهن.