شنگھائي تعاون تنظيم عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي، ايس سي او گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي عزم جي علامت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايس سي او جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم کي عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو آهي ته ايس سي او گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي عزم جي علامت آهي، پاڪستان ايس سي او جو هڪ سرگرم ۽ ذميوار ميمبر آهي، اسان تڪرارن جي پرامن حل لاءِ عالمي قانون مُوجب گڏيل قومن ۽ ايس سي او جي منشور …

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم کي عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو آهي ته ايس سي او گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي عزم جي علامت آهي، پاڪستان ايس سي او جو هڪ سرگرم ۽ ذميوار ميمبر آهي، اسان تڪرارن جي پرامن حل لاءِ عالمي قانون مُوجب گڏيل قومن ۽ ايس سي او جي منشور جي رهنما هدايتن تي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان علائقائي بحرانن دوران امن لاءِ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي، مڪه گڏيل دفاع معاهدو خودمختياري، علائقائي سالميت، اجتماعي سلامتي ۽ علائقائي امن جي حوالي سان اسان جي گڏيل عزم جو اظهار آهي، پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، جيستائين دهشتگرد افغان سرزمين کي پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن تي حملن، بيگناهه ماڻهن جي قتل لاءِ استعمال ڪندا رهندا، تيستائين خطي ۾ امن ڪڏهن به قائم نه ٿيندو. عالمي برادري کي فلسطيني عوام سميت سڀني مظلوم قومن کي انهن جي خودمختياري واري بنيادي حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڻي اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي ٿو، ان کي ڪڏهن به هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهُرجي، پاڪستان سماجي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ايس سي او ۽ خطي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هُن اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن هتي شنگهائي تعاون تنظيم جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بشڪيڪ جي خوبصورت شهر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اڳواڻن جي تاريخي اجلاس ۾ شرڪت سندس جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ پرخلوص ميزباني ۽ ڪانفرنس جي لاءِ شاندار انتظامن تي صدر صادر زاپاروف ۽ سندس ٽيم جا ٿورائتا آهيون، جمهوريه ڪرغزستان کي ايس سي او چيئرمين شپ جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل ۽ ايس سي او ملڪن جي وچ ۾ عملي تعاون جي لاءِ موثر ڪردار تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جي قيادت ۽ عوام کي سندن آزادي جي ڏهاڙي جي پڻ دلي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهي، شنگهائي جي روح تحت پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر هجڻ تي فخر آهي، پاڪستان ايس سي او جو فعال ۽ ذميوار ميمبر آهي، ايس سي او جا 25 سال مڪمل ٿيڻ اهم سنگ ميل آهي، هڪ ننڍڙي ٻوٽي کان شروع ٿيندڙ ايس سي او اڄ هڪ مضبوط وڻ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جيڪو اسان سڀني کي سلامتي ۽ استحڪام جي ڇانوَ فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جو عالمي منظرنامو وڌندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ، عالمي معيشت جي انتشار، موسمياتي بحرانن ۾ اضافي ۽ ٽيڪنالاجي جي بي مثال تبديلين ۾ ورتل آهي، اهڙي ڏکئي ماحول ۾ ايس سي او انهن وڏن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي عوام جي لاءِ امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي اسان جي گڏيل عزم جي نمائندگي ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ ايس سي او جي منشور جي بنيادي اصولن تي سدائين ڪاربند رهي ٿو ۽ انهن جو احترام ڪري ٿو، اسان تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ عالمي قانون موجب، گڏيل قومن ۽ ايس سي او چارٽر جي رهنما هدايتن تي سختي سان عمل پيرا رهڻ جي لاءِ پُرعزم آهيون، جنهن جي اڄ بشڪيڪ پڌرنامي ۾ پڻ توثيق ڪئي وئي آهي، انهي جذبي تحت پاڪستان هلندڙ سال جي شروع ۾ ان وقت امن جي ڀرپور حمايت ڪئي جڏهن هڪ ايس سي او ميمبر رياست جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ وڏو علائقائي بحران پيدا ٿيو، ان بحران جي ڪري توانائي جي فراهمي جي اهم رستن جي بندش عالمي معيشت کي متاثر ڪيو آهي. نتيجي طور پاڪستان به عالمي برادري سان گڏجي وڏي اقتصادي قيمت ادا ڪئي آهي ان مشڪل حالتن ۾ پاڪستان مسلسل هڪ ايماندار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جون مسلسل سفارتي ڪوششون تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحن جي صورت ۾ ڪارائتيون ثابت ٿيون، جيڪي علائقائي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي بحالي طرف هڪ اهم قدم آهي، جيئن جيئن اسان جي امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن اسان انهن ڀائر ۽ دوست ملڪن جا دل سان ٿورائتا آهيون جن مان ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا ڄ هتي موجود آهن جن ان ڪوشش دوران پنهنجي اڻٿڪ حمايت فراهم ڪئي، اسان جو پختو يقين آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت اسان جي خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان قابل عمل ۽ پائيدار رستو فراهم ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان تازو ئي ٽه ڌريي مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن اهو تاريخي معاهدو خودمختياري، علائقائي سالميت، گڏيل سلامتي ۽ علائقائي امن جي حوالي سان اسان جي گڏيل عزم جو اظهار آهي، اهو بنيادي طور تي دفاعي نوعيت جو معاهدو آهي ۽ نه ته ڪنهن رياست جي خلاف آهي ۽ نه ئي ان جو مقصد ڪنهن قسم جي ڇڪتاڻ يا ورڇ پيدا ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن جڏهن ته گهڻ رخي تنظيمن کي ان قابل بڻائڻ ضروري آهي ته اهي امنگن ۽ خواهشن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪري سگهن، غزه ۽ اولهندي ڪناري جي بيگناهه عوام جي خراب حالت ساڳئي ريت جاري آهي، جيڪا ناقابل تصور انساني تڪليفن جو سبب بڻجي رهي آهي، فلسطيني مائرون پنهنجي ٻارن جي ڏک ۾ گهري صدمي ۾ ورتل آهن، خاندان وکرجي رهيا آهن ۽ پورا نسل خوف، محرومي ۽ ناانصافي جي مستقل ڇانوَ هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. عالمي برادري کي فلسطيني عوام سميت سمورين مظلوم قومن جي خودمختياري جي بنيادي حق کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي پورو ڪرڻ گهرجي، دنيا کي انساني ڏک ۽ تڪليفن جي خاتمي جي لاءِ ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته اهي دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ هجن، متحد ٿيڻ گهرجي، ڏکڻ ايشيا جيڪو ايس سي او خطي جو هڪ اهم حصو آهي پائيدار امن کانسواءِ پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ نه ٿو آڻي سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڻي اسان جي خطي جي زندگي جو بنياد آهي، اهو لکين ماڻهن جي زندگين کي سهارو ڏي ٿو، اسان جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي ٿو، ان کي ڪڏهن به هٿيار جي طور تي استعمال نه ڪرڻ گهرجي، نه ان کي دٻاءُ وجهڻ جي هڪ ذريعي جي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري ان کي ڪڏهن سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو، اسان جا گڏيل پاڻي وسيلن بابت معاهدا سنجيده، پابند ۽ عالمي واعدا آهن، اهي سياسي مصلحتن جا معاملا نه آهن جو جن کي پنهنجي مرضي سان ڪنهن به وقت نظرانداز ڪيو وڃي، انهن جي هر صورت ۾، لفظ ۽ روح ٻنهي موجب، غيرمشروط طور تي پاسداري ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي پنهنجي مختلف شڪلين ۽ مظاهر سان گڏ اسان جي پوري خطي کي متاثر ڪندڙ سنگين ترين خطرن مان هڪ آهي، گذريل سال کان شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي جي صدارت جي طور تي پاڪستان علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪجهه ئي ملڪن دهشتگردي جي لعنت جي خلاف پاڪستان جهڙي پرُعزم ۽ بهادري سان جنگ وڙهي آهي، گذريل اڍائي ڏهاڪن دوران اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانين جي قربانيون ڏنيون آهن ۽ 150 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جا معاشي نقصان برداشت ڪيا آهن، اهي قربانيون رڳو پاڪستان جي لاءِ نه هيون پر انهن جو مقصد هڪ محفوظ ۽ وڌيڪ پرامن خطي ۽ ان کان اڳتي جي دنيا کي يقيني بڻائڻ هو. پاڪستان هڪ پروامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند اهي پر جيستائين دهشتگرد افغان سرزمين کي پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن تي حملن، بيگناهه ماڻهن جي قتل جي لاءِ استعمال ڪندا رهندا، خطو ڪڏهن به امن نه ڏسي سگهندو. هن چيو ته ايس سي او خطي ۾ 3 ارب کان وڌيڪ ماڻهو آباد آهن ۽ هي خطو وڏن قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، اها غيرمعمولي صلاحيت اسان ايس سي او جي اڳواڻن تي هڪ غيرمعمولي ذميواري به لاڳو ڪري ٿي ته اسان پنهنجي عوام جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي جوڙجڪ ڪريون، آئون سالن کان علائقائي رابطن کي اسان جي خوشحالي جي اهم طور تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪندو رهيو آهيان، اڄ رابطا سازي هاڻي ڪا چونڊ ناهي رهي پر اها هڪ لازمي اسٽريٽجڪ ضرورت بڻجي چڪي آهي، تازي بحران اهو به ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته گهڻ رخي چرپر جي نيٽ ورڪس، محفوظ توانائي لنگهن ۽ مضبوط ۽ مستحڪم سپلاءِ چينز اسان جي گڏيل سلامتي جي لاءِ لازمي آهن. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ساڳئي ريت هڪ اهم گيٽ وي جي طور تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيڪو علائقائي معيشتن کي بحيره عرب سان ڳنڍي ٿو، اسان موجوده عالمي ريلوي منصوبن، رستن جي رابطن بابت قدمن ۽ علائقائي توانائي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پڻ هڪ جهڙي طور تي پُرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجون سموريون توانائيون “ايس سي او 2035ع بابت ترقياتي حڪمت عملي” تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ لڳائڻ گهرجن، ايس سي او ڊيولپمينٽ بئنڪ جوقيام ان حوالي سان هڪ اهم ۽ فيصلائتو قدم هوندو، غربت جي خاتمي بابت ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ جي مستقل چيئرمين جي حيثيت سان، پاڪستان سماجي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ايس سي او خطي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته جيئن ئي پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت سنڀالي رهيو آهي، اسان هڪ “ايڪشن پلان” تجويز ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت، توانائي، ترقي ۽ غربت ۾ گهٽتائي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، صحت، ثقافت ۽ راندين سميت اهم شعبن کي ترجيح ڏني ويندي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ اسان ذميواراڻي ۽ جامع مصنوعي ذهانت جي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ڊيجيٽل خودمختياري کي مضبوط بڻائن، تحقيق ۽ جديديت کي فروغ ڏيڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪو به ميمبر ملڪ پٺتي نه رهجي وڃي، هڪ “ايس سي او سوورين اي آءِ انفراسٽرڪچر ۽ گورننس فريم ورڪ” جي قيام جي تجويز پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته سڄي خطي ۾ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي لاءِ رابطن، اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ امدادي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان اسلام آباد ۾ 2027 – 2026ع دوران “گلوبل ريزيلينس ايڪسپو” جي انعقاد جي تجويز ڏني آهي، ايس سي او جي پاڪستان جي صدارت جو مرڪزي موضوع هوندو “ويزن کي عمل ۾ بدلائڻ: رابطن، جديديت ۽ گڏيل خوشحالي”. وزيراعظم چيو ته اسان ان ذميواري کي عاجزي، اميد ۽ ان پختي يقين سان قبول ڪريون ٿا ته رابطا اسان جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندا، جديديت جي موقعن جا نوان دروازا کوليندي ۽ گڏيل خوشحالي هر گهر تائين پهچندي. وزيراعظم چيو ته اچو گڏجي ايس سي او  جي ويزن کي عملي قدمن، ان جي واعدي کي ترقي ۽ ان جي ترقي کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل ۾ تبديل ڪريون جيئن ته هڪ قديم ڏاهي جي چوڻي آهي: ڪيترائي چشما گڏجي هڪ عظيم درياءَ ٺاهين ٿا اهڙي طرح جڏهن اسان جون قومون پنهنجي طاقتن، امنگن ۽ تقديرن کي گڏ ڪن ٿيون ته ان ڳالهه جي ڪا حد نه ٿي رهي ته اسان ڪيترو پري وڃي سگهون ٿا تنهن ڪري اچو اسان عزم سان گڏجي اڳتي وڌون ته غيريقيني جي هن دور ۾ تاريخ ايس سي او کي ائين ياد رکندي ته هن ٽڪراءُ تي تعاون، ورڇ تي ڳالهه ٻولهه، رڪاوٽن تي پُلين ۽ خوف تي اميد کي ترجيح ڏني، تاريخ اهو به لکي ته ايس سي او رڳو هڪ بدلجندڙ دنيا جو مشاهدو ناهي ڪيو، پر اسان هن دنيا کي جوڙڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.