اسلام آباد- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ۽ ازبڪستان جي ڀائر عوام کي انهن جي 35هين آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي گڏيل عقيدي، ثقافتي هم آهنگي، گڏيل اعتماد ۽ …
صدر آصف علي زرداري پاران جمهوريه ازبڪستان جي صدر ۽ عوام کي آزادي جي 35هين ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ۽ ازبڪستان جي ڀائر عوام کي انهن جي 35هين آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي گڏيل عقيدي، ثقافتي هم آهنگي، گڏيل اعتماد ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي قائم آهن. صدر آصف علي زرداري خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ڀائيواري سياست، معيشت، واپار، مواصلات، دفاع ۽ عوام جي گڏيل لاڳاپن جي شعبن ۾ وڌندڙ تعاون سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهي آهي. صدر هن سال فيبروري ۾ صدر مرزيوف جي پاڪستان جي دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي هڪ نئون تحرڪ ڏيڻ جو سبب قرار ڏنو. هن چيو ته دوري دوران ٿيندڙ لاڀائتيُون ڳالهيون ۽ طئه ٿيندڙ مفاهمتُون ٻنهي ڌرين جي ان گڏيل خواهش کي ظاهر ڪن ٿيُون جنهن سان ان دوستي جي ثمرن کي پنهنجي جي عوام لاءِ حقيقي لاڀ ۾ تبديل ڪري سگهجي. صدر ان يقين جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان، پنهنجي گڏيل ڪوششن سان هن ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا، علائقائي مواصلات ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيندا ۽ امن ۽ خوشحالي جي خواهشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.











