ايس سي او جو سربراهه اجلاس ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ شروع، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شرڪت

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جو سربراهه اجلاس ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اڱاري ڏينهن سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مين هال ۾ پهچڻ تي ڪرغز صدر صادر زاپاروف گرمجوشي سان استقبال ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. سربراهه اجلاس کان اڳ ميمبر ملڪن جي …

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جو سربراهه اجلاس ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اڱاري ڏينهن سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مين هال ۾ پهچڻ تي ڪرغز صدر صادر زاپاروف گرمجوشي سان استقبال ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. سربراهه اجلاس کان اڳ ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جو گروپ فوٽو ڪڍيو ويو. سربراهه اجلاس ۾ پاڪستان 27-2026ع جي لاءِ شنگھائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي صدارت سنڀاليندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ايس سي او پلس سربراهه اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيُون ملاقاتون پڻ ڪندو. ملاقاتن ۾ گڏيل لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. مُلاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ويندو.