نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي بشڪيڪ ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهن جي سربراهي اجلاس کان اڳ گرمجوشي واري ماحول ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي مُوجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي …

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي بشڪيڪ ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهن جي سربراهي اجلاس کان اڳ گرمجوشي واري ماحول ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي مُوجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مسلسل رابطي جي اهميت کي ورجايو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ان موقعي تي ڳالهائيندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ضروري قرار ڏيندي چيو ته جون 2026ع جي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي تڪرار جي ٻنهي ڌُرين طرفان مخلصاڻو عمل درآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.