نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس جي موقعي تي عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن خوشگوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ خيالن …

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس جي موقعي تي عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن خوشگوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هُنن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر آزمائش ۾ به قائم رهندڙ پائيدار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ڀائيواري جي عزم کي ورجايو. هُنن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 2026ع واري اجلاس ۽ گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جو جاري عمل به شامل آهي.