بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مُلڪي سربراهن جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ پهچي ويو، جتي هو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٿيندو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بشڪيڪ پهچي ويو
بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مُلڪي سربراهن جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ پهچي ويو، جتي هو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٿيندو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ قومي دفاع واري وزير ياشار گولر سان گڏ بشڪيڪ پهتو، جيڪي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏ ايس سي او جي سرگرمين ۾ شرڪت ڪندا. بشڪيڪ پهچڻ تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪرغزستان جي نائب پرڏيهي وزير ميدر اباڪيروف، ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر ميڪن مصطفيٰ ڪمال اوڪم، ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير التمش وزير خان، ڊائريڪٽر جنرل حسن علي ضيغم ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي اعليٰ عملدارن ڪيو.












