بشڪيڪ - 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ تحمل، ڳالهه ٻولهه ۽ مستقل سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جي مخلصاڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي …
ايراني صدر سان ملاقات ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ تحمل، ڳالهه ٻولهه ۽ مستقل سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جي مخلصاڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
بشڪيڪ – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ تحمل، ڳالهه ٻولهه ۽ مستقل سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جي مخلصاڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي عزيز ڀاءُ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. هن چيو ته ملاقات ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مون امن قائم ڪرڻ جي لاءِ تحمل، ڳالهه ٻولهه ۽ مستقل سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جي مخلصاڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت طئي ٿيندڙ مفاهمت خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ سڀ کان قابل عمل رستو فراهم ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ان کانسواءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ خاص طور تي علائقائي رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.











