ترڪ هٿياربند فوج جي يوم فتح جي 104هين سالگره جي سلسلي ۾ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ خصوصي تقريب منعقد

راولپنڊي - 31 آگسٽ (اي پي پي) ترڪ هٿياربند فوج جي يوم فتح جي 104هين سالگره جي سلسلي ۾ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق تقريب ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ويجهن ٻطرفه رابطن …

راولپنڊي – 31 آگسٽ (اي پي پي) ترڪ هٿياربند فوج جي يوم فتح جي 104هين سالگره جي سلسلي ۾ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق تقريب ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ويجهن ٻطرفه رابطن کي اجاگر ڪيو ويو، جيڪي گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ هڪ ٻئي لاءِ پختي حمايت جي تاريخ تي ٻڌل آهن. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ترڪ هٿياربند فوج جي بهادري ۽ قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پراڻي دفاعي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تقريب ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن، جمهوريه ترڪيه جي سفارتخاني جي عملدارن ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي جمهوريه ترڪيه جي عوام ۽ هٿياربند فوج لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جي اظهار سان ٿي.