اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پاڪستان ۾ سنگاپور ڪنوينشن آن ميڊي ايشن تي عملدرآمد لاءِ قانونسازي ۽ توثيق جو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. قانونسازي جلد پارليامينٽ پيش ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ ٽياڪڙي ذريعي طئي ٿيل تڪرارن جو معاهدو ڪنوينشن جي ٻين 57 صحيحي ڪيل ملڪن ۾ لاڳو ٿيڻ جي قابل …
پاڪستان ۾ سنگاپور ڪنوينشن تي عمل لاءِ قانونسازي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پاڪستان ۾ سنگاپور ڪنوينشن آن ميڊي ايشن تي عملدرآمد لاءِ قانونسازي ۽ توثيق جو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. قانونسازي جلد پارليامينٽ پيش ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ ٽياڪڙي ذريعي طئي ٿيل تڪرارن جو معاهدو ڪنوينشن جي ٻين 57 صحيحي ڪيل ملڪن ۾ لاڳو ٿيڻ جي قابل ٿي ويندو. اهڙو اظهار هن سنگاپور ڪنوينشن 2026ع کي ويڊيو خطاب ڪندي ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مئي 2025ع ۾ سنگاپور ڪنوينشن آن ميڊي ايشن تي صحيحي ڪندڙ 58 ملڪ بڻيو. پاڪستان جي ڪنوينشن سان وابستگي هڪ علامتي قدم نه پر هڪ عملي قدم آهي. هن چيو ته سنگاپور ڪنوينشن پرڏيهي سيڙپڪارن کي قانوني خاطري فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو جڏهن ته هي ڪيسن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ واپاري لاڳاپن جي تحفظ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان قانون جي حڪمراني کي صرف قانوني ضابطو نه پر هڪ اهڙو معاشي اثاثو سمجهي ٿو ۽ عالمي سيڙپڪار برادري کي قانون جي حڪمراني ۽ موثر تڪررن جي حل جي پنهنجي عزم جو واضح پيغام ڏئي ٿو. وفاقي وزير قانون واري وزارت، سنگاپور حڪومت ۽ سنگاپور انٽرنيشنل ميڊي ايشن سينٽر جي رهنمائي ۽ تعاون تي ٿوري جو اظهار ڪندي سنگاپور ڪنوينشن ويڪ 2026ع جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











