اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسيءَ سان فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عبدالصمد پنهنجي ٽيم سان گڏ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٿر ڪول ريلوي ڪنڪٽيويٽي منصوبي تي جاري تعميراتي ڪم، اڳڀرائي ۽ ان جي وقت سر تڪميل جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڊي جي ڊبليو ايف او وفاقي وزير کي منصوبي جي …
ٿرڪول ريلوي ڪنڪٽيويٽي منصوبي ملڪي معيشت ۽ توانائي جي شعبي ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو: محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسيءَ سان فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عبدالصمد پنهنجي ٽيم سان گڏ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٿر ڪول ريلوي ڪنڪٽيويٽي منصوبي تي جاري تعميراتي ڪم، اڳڀرائي ۽ ان جي وقت سر تڪميل جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڊي جي ڊبليو ايف او وفاقي وزير کي منصوبي جي فني ۽ تعميراتي رخن تي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت ٿر ڪول مائنز کان نيو ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ڊگهي نئين ريلوي لائين وڇائي پئي وڃي جڏهن ته بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين اٽڪل 9 ڪلوميٽر ڊگهي ڊبل ٽريڪ جي تعمير ۽ ڪوئلو لاهڻ جي جديد ترين سهولتن جي فراهمي ۾ به هن اهم منصوبي جو حصو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ٿرڪول ريلوي ڪنڪٽيويٽي منصوبو قومي معيشت ۽ توانائي جي شعبي جي استحڪام لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو، هي منصوبو ٿر جي مقامي ڪوئلي جي ذخيرن کي سڌي ريت قومي ريلوي نيٽ ورڪ ۽ پورٽ قاسم سان ڳنڍيندو جنهن جي نتيجي ۾ پاور پلانٽس ۽ صنعتي يونٽس تائين ڪوئلي جي محفوظ، تيز رفتار ۽ انتهائي گهٽ لاڳت ۾ رسد ممڪن ٿيندي. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل سان ملڪي سطح تي مهانگو ڪوئلو گهرائڻ تي ڌارو مدار نمايان حد تائين گهٽ ٿيندو ۽ مقامي قدرتي وسيلن جي موثر استعمال کي ڀرپور هٿي ملندي جنهن سان ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ پڻ بچت ٿيندي. وفاقي وزير منصوبي جي سمورن مرحلن کي مقرر مدت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي.











